ممبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بالي ووڊ جو ليجنڊ اداڪار ۽ بگ بي جي نالي سان مشهور اميتاڀ بچن ڪجهه ڏينهن لاءِ سوشل ميڊيا کان فاصلو اختيار ڪري ورتو آهي، جنهن جو سبب به هن پنهنجي مداحن سان شيئر ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، اميتاڀ بچن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ مداحن کان معذرت ڪندي ٻڌايو ته کيس آرام ڪرڻ ۽ صحتياب ٿيڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن جي موڪل وٺڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي، تنهن ڪري هو في الحال ڪجهه به لکڻ کان قاصر آهي.
اداڪار جي ان اعلان کانپوءِ سندس مداحن ۾ ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي، جيڪي سندس سوشل ميڊيا اپڊيٽس تي باقاعدگي سان نظر رکندا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، اميتاڀ بچن هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي آفيشل بلاگ تي به اهڙو ئي پيغام شيئر ڪيو هو، جنهن مان اشارو ملي ٿو ته صحتيابي دوران کيس رابطا محدود رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.