ڪراچي (شوبز ڊيسڪ): پاڪستاني اداڪارا سارا خان ۽ گلوڪار فلڪ شبير پنهنجي ٻي ڌيءَ رانيا فلڪ جي چهري جي پهرين جھلڪ مداحن سان شيئر ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ مداحن طرفان ننڍڙي رانيا لاءِ محبت ۽ دعائن جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
سارا خان ڪجهه عرصو اڳ پنهنجي ٻي ڌيءَ جي پيدائش جي خوشخبري مداحن سان شيئر ڪئي هئي، پر ان وقت هنن ننڍڙي رانيا جو چهرو ظاهر نه ڪيو هو.
هاڻي سارا خان ۽ فلڪ شبير انسٽاگرام تي رانيا فلڪ جي تصوير شيئر ڪري سندس چهرو مداحن آڏو آڻي ڇڏيو آهي.
شيئر ڪيل تصوير ۾ ننڍڙي رانيا انتهائي معصوم ۽ پيارِي نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته تصوير ۾ سڄو خاندان هڪجهڙا باٿ روبس پاتل نظر اچي رهيو آهي.
رانيا فلڪ جي چهري جي پهرين جھلڪ سامهون اچڻ کانپوءِ مداحن طرفان تصوير تي محبت ڀريا تبصرا ڪيا ويا ۽ نئين ڄاول نياڻي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ويو.