واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ): يمن جي حوثين طرفان بحيره احمر ۽ سعودي عرب کي آڏو خطري جي پسمنظر ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٻه ڀيرا ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، پر آمريڪي صدر مبينا طور حوثين خلاف فوري فوجي ڪارروائي جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
آمريڪي نيوز ويب سائيٽ ايڪسيئوس دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان گذريل ڏينهن حوثين جي وڌندڙ خطري بابت صدر ٽرمپ سان ٻه ڀيرا فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
رپورٽ موجب محمد بن سلمان آمريڪي صدر تي زور ڏنو ته حوثين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پر ٽرمپ مبينا طور تي ان درخواست کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ايڪسيئوس موجب گذريل ڪجهه هفتن دوران آمريڪي فوجي ۽ سول اختيارين سعودي هم منصبن سان مسلسل رابطي ۾ آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر ايڊمرل بريڊ ڪوپر پڻ هنگامي رابطا اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گذريل ڏينهن سعودي عرب پهتو.
آمريڪي ميڊيا موجب واشنگٽن ۾ سعودي سفارتخاني ۽ وائيٽ هائوس کان ان معاملي بابت موقف ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ٻنهي ڌرين تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ يمن جي حوثي تنظيم انصارالله سعودي عرب ۾ حملا ڪيا هئا، جن جي نتيجي ۾ 73 ماڻهو زخمي ٿيا هئا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل هئا.
حوثين جي سرگرمين ۽ بحيره احمر ۾ سامونڊي آمدرفت کي درپيش خطرن سبب خطي ۾ سعودي عرب، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن وچ ۾ سيڪيورٽي رابطا وڌي ويا آهن، جڏهن ته ٽرمپ طرفان مبينا طور حوثين خلاف ڪارروائي کان انڪار خطي جي مستقبل واري حڪمت عملي بابت نوان سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن.