لائیو صائم ايوب کي انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ميچ کيڏائڻ تي ناصر حسين ڪاوڙجي پيو

فہرستِ مضامین

لنڊن (اسپورٽس ڊيسڪ): انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ مشهور ڪرڪيٽ تجزئي نگار ناصر حسين، پاڪستاني اوپنر صائم ايوب کي انگلينڊ خلاف ايجبسٽن ٽيسٽ ۾ کيڏائڻ واري فيصلي تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

ناصر حسين جو چوڻ آهي ته صائم ايوب کي ايجبسٽن ٽيسٽ ۾ نه کيڏڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته هو ڪيريبين پريميئر ليگ (CPL) مان سڌو انگلينڊ پهتو ۽ گذريل ڪجهه عرصي دوران فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ به نه کيڏي هئي.

ناصر حسين چيو ته هڪ رانديگر کي مختلف ڪرڪيٽ فارميٽ ۽ حالتن مان اوچتو انگلينڊ گهرائي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ کيڏائڻ مناسب فيصلو ناهي.

هن سوال اٿاريندي چيو ته ٻئي فارميٽ مان سڌو اچي ڪو رانديگر ڊيوڪ بال، انگلينڊ جي تيز بالر رابنسن ۽ مضبوط انگلش بالنگ اٽيڪ جو ڪيئن مقابلو ڪري سگهي ٿو؟

اڳوڻي انگلش ڪپتان موجب ٽيسٽ ڪرڪيٽ سڀني فارميٽن کان وڌيڪ ڏکي آهي، جڏهن ته انگلينڊ جي حالتن ۾ ٽاپ آرڊر تي بيٽنگ ڪرڻ خاص طور تي وڏو چئلينج هوندو آهي.

ناصر حسين ماضي جو مثال ڏيندي چيو ته اڳ به ڀارت جي ويريندر سهيواگ کي مختلف حالتن مان انگلينڊ آڻي کيڏايو ويو هو ۽ کيس به ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو هو.

هن چيو ته سهيواگ صائم ايوب کان وڌيڪ تجربو رکندڙ بيٽر هو، پر ان باوجود انگلينڊ ۾ کيس مشڪلات پيش آيون.

صائم ايوب ايجبسٽن ٽيسٽ جي ٻنهي اننگز ۾ صفر تي آئوٽ ٿيو، جنهن کانپوءِ ناصر حسين جي تنقيد وڌيڪ نمايان ٿي وئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں