لائیو ڪراچي ۾ قانون جي حڪمراني مضبوط ڪرڻ لاءِ ”ڊالا ڪلچرل“ ختم ڪرڻو پوندو: مرتضيٰ وھاب

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ): ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر ۾ ”ڊالا ڪلچر“ هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، هر ماڻهو پنهنجي گارڊن سان گڏ گهمي رهيو آهي، قانون جي بالادستي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪوشش ڪرڻي پوندي.

مزار قائد تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته جامعہ ڪراچي جي استادن تي تشدد جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، استادن جو احترام سڀني تي لازم آهي ۽ واقعي جو ڪيس پڻ داخل ٿي چڪو آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته شهر مان هاڻي ” ڊالا ڪلچر“ ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته هو پاڻ مزار قائد تي آيو، وڏي وزير به دورو ڪيو، پر ڪنهن وٽ ڊالا نه هو.

هن چيو ته ”هر ماڻهو پنهنجو گارڊ ساڻ ڪري گهمي رهيو آهي، هن ڪلچر کي ختم ڪرڻو پوندو.“ سڀني کي قانون جو ساٿ ڏيڻ ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

پيٽروليم ليوي خلاف جماعت اسلامي جي احتجاج بابت ميئر ڪراچي چيو ته عوام جا مسئلا اجاگر ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي، پر احتجاج قانون جي دائري ۾ رهندي ٿيڻ گهرجي ۽ عوام کي تڪليف ۾ نه وڌو وڃي.

هن چيو ته اهڙي شاهراهه کي بند ڪرڻ مناسب ناهي، جتان روزانو لکين ماڻهو گذرن ٿا. سندس چوڻ هو ته ماڻهو جيترو وڌيڪ ٽريفڪ ۾ ڦاٿل رهندا، اوترو وڌيڪ پيٽرول خرچ ٿيندو.

مرتضيٰ وهاب چيو ته احتجاج لاءِ ٻي جاءِ تجويز ڪري سگهجي ٿي، پر عوام کي تڪليف ڏئي سياست ڪرڻ جي هو حامي ناهي.

ميئر ڪراچي چيو ته شهر جي انتظاميا روڊن تي ڪم ڪندي نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته ڪم ڪرڻ جي طريقيڪار تي اختلاف ٿي سگهي ٿو.

هن دعويٰ ڪئي ته يونيورسٽي روڊ تي جاري ترقياتي ڪم جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي.

پاڻي جي ورڇ بابت مرتضيٰ وهاب چيو ته ان معاملي تي سياسي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته سٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ رهنمائي ڪئي وڃي ته پاڻي جي ورڇ جو مناسب طريقو ڪهڙو هجڻ گهرجي.

ڪراچي يونيورسٽي جي استاد عارف ساقي تي تشدد بابت سوال تي ميئر چيو ته وڏن جو احترام سڀني تي لازم آهي ۽ استادن جو احترام ته خاص طور تي ضروري آهي.

هن واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته معاملي جو ڪيس داخل ٿي چڪو آهي.

مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته شهر ۾ قانون جي حڪمراني کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ ”ڊالا ڪلچر“ جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوشش ضروري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں