اسلام آباد (بيورو رپورٽ): حڪومت هڪ طرف آءِ پي پيز (IPP) مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن جون دعوائون ڪري رهي آهي، ته ٻئي طرف پاور ڪمپنين سان 30 ۽ 40 سالن جي ڊگهي مدي وارا نوان معاهدا ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ حڪومتي پاليسي تي سوال اٿڻ شروع ٿي ويا آهن.
رپورٽن موجب مختلف آءِ پي پيز سان ٿيل معاهدن جي مدت ۽ انهن جي اثرائتي رهڻ بابت تفصيل سامهون اچي ويا آهن، جڏهن ته موجوده حڪومت جي دور ۾ به ڪجهه پاور ڪمپنين سان نوان معاهدا ڪيا ويا آهن.
سامهون آيل تفصيل موجب موجوده حڪومت 2025ع دوران چار آءِ پي پيز سان نوان معاهدا ڪيا.
انهن مان ڄامشورو ڪول پاور پلانٽ سان 30 جولاءِ 2025ع تي معاهدو ڪيو ويو، جنهن جي مدت 30 سال مقرر ڪئي وئي آهي.
يعني هڪ طرف حڪومت آءِ پي پيز جي وڌندڙ مالي بار ۽ بجلي جي قيمتن کي گهٽائڻ لاءِ معاهدن تي نظرثاني جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، ته ٻئي طرف ڊگهي عرصي لاءِ نوان معاهدا ٿيڻ جو معاملو سامهون آيو آهي.
آءِ پي پيز سان معاهدن ۾ بجلي جي خريداري، ادائيگين ۽ ٻين شرطن سبب ملڪ ۾ اڳ ئي ڊگهي عرصي کان بحث جاري آهي. خاص طور تي بجلي جي بلن ۾ ڪيپيسٽي چارجز ۽ پاور ڪمپنين کي ادائيگين جو معاملو عوام ۽ ماهرن طرفان تنقيد جو نشانو بڻجندو رهيو آهي.
نوان 30 ۽ 40 سالن جا معاهدا سامهون اچڻ کانپوءِ اهو سوال به اهم ٿي ويو آهي ته حڪومت آءِ پي پيز بابت پنهنجي پاليسي ۾ ڪهڙي رخ تي اڳتي وڌي رهي آهي ۽ انهن ڊگهي مدي وارن معاهدن جو مستقبل ۾ بجلي جي قيمتن ۽ سرڪاري خزاني تي ڪهڙو اثر پوندو.