ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن دوران ضبط ڪيل سامان ڪيڏانهن ويو؟ اسسٽنٽ ڪمشنر جو جاچ جو مطالبو

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ): ڪراچي ۾ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ ڪيل آپريشن دوران ضبط ڪيل سامان غائب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن بعد آرام باغ سب ڊويزن جي اسسٽنٽ ڪمشنر ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ کي خط لکي معاملي جي جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

اسسٽنٽ ڪمشنر آرام باغ طرفان لکيل خط ۾ صدر ٽائون جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر فيصل جاويد خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي.

خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صدر ٽائون جي اسٽوريج مان تقريبن 620 ريڙھا ۽ 210 کان وڌيڪ ميٽل ڪائونٽر غائب آهن.

رپورٽ موجب قبضا مخالف ڪارروائين دوران گذريل 7 مهينن ۾ ضبط ڪيل سامان ٽي ايم سي صدر ٽائون جي اسٽوريج ۾ جمع ڪيو ويو هو، جتي اهو سامان فيصل جاويد جي نگراني هيٺ رکيل هو.

اسسٽنٽ ڪمشنر جي خط ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته غائب ٿيل سامان جو وڏو حصو مبينا طور انهن ئي ماڻهن کي ٻيهر وڪرو ڪيو ويو، جن کان اهو قبضا مخالف آپريشن دوران ضبط ڪيو ويو هو.

خط موجب اهو سامان ٻيهر روڊن تي استعمال ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب معاملي جي شفاف جاچ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي.

اسسٽنٽ ڪمشنر آرام باغ مطالبو ڪيو آهي ته ٽي ايم سي صدر ٽائون جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر فيصل جاويد کي فوري طور معطل ڪري معاملي جي انڪوائري شروع ڪئي وڃي.

خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته معاملو اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ ڏانهن موڪليو وڃي ته جيئن مبينا بي ضابطگين جي جاچ ٿي سگهي.

اسسٽنٽ ڪمشنر طرفان ٽي ايم سي صدر ٽائون جي اسٽوريج جو مڪمل آڊٽ ڪرائڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي.

ان سان گڏ ضبط ڪيل سامان جي وصولي، تلفي يا منتقلي بابت مڪمل رڪارڊ چيڪ ڪرڻ ۽ اهو معلوم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي ته ڪهڙو سامان ڪٿي منتقل يا استعمال ڪيو ويو.

معاملي بابت وڌيڪ ڪارروائي ۽ جاچ کانپوءِ ئي ذميواري جو حتمي تعين ٿي سگهندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں