اسلام آباد (بيورو رپورٽ): ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته مشڪل معاشي فيصلن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ معاشي استحڪام آيو آهي، هاڻي ملڪ کي ٻيهر معاشي عروج ۽ زوال جي چڪر ۾ وڃڻ نه ڏنو ويندو ۽ استحڪام کي پائيدار معاشي ترقي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سڌارن جو عمل جاري رکيو ويندو.
اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت جو مقصد معاشي استحڪام کي مستقل بڻائڻ ۽ ملڪ کي پائيدار ترقي جي رستي تي آڻڻ آهي. ان لاءِ حڪومت ۽ خانگي شعبي وچ ۾ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ سان گڏ بنيادي ڍانچي ۽ معاشي نظام ۾ سڌارن تي به ڌيان ڏنو پيو وڃي.
محمد اورنگزيب چيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي آمدني ۾ نمايان واڌ ٿي آهي.
هن ٻڌايو ته ايف بي آر جي آمدني ۾ تقريبن 40 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته ٽيڪس ۽ مجموعي ملڪي پيداوار يعني ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جو تناسب 8.8 سيڪڙو مان وڌي 10.3 سيڪڙو ٿي ويو آهي.
ناڻي واري وزير موجب مجموعي مالي خسارو به 12.5 سيڪڙو مان گهٽجي 2.6 سيڪڙو تي اچي ويو آهي.
ناڻي واري وزير چيو ته معاشي استحڪام مشڪل فيصلن سان حاصل ٿيو آهي، هاڻي ان کي مستقل بڻائڻو پوندو.
هن چيو ته پاڪستان کي ٻيهر معاشي عروج ۽ زوال جي پراڻي چڪر ۾ وڃڻ نه ڏنو ويندو، جڏهن ته استحڪام کان پوءِ ملڪ کي پائيدار معاشي ترقي ڏانهن وٺي وڃڻ حڪومت جي ايندڙ ترجيح آهي.
محمد اورنگزيب موجب ان مقصد لاءِ بنيادي ڍانچي وارين سڌارن تي عملدرآمد جو سلسلو جاري رکڻو پوندو.
ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ خانگي شعبي کي معاشي قيادت جو ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ ضروري آهي.
هن چيو ته خانگي شعبي جي سرمائي کي متحرڪ ڪرڻ معاشي ترقي لاءِ اهم آهي، جڏهن ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ نجڪاري ذريعي سيڙپڪاري جا موقعا وڌائي سگهجن ٿا.
سندس چوڻ هو ته بنيادي ڍانچي ۽ عوامي خدمتن سان لاڳاپيل منصوبن ۾ خانگي سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي وڌيڪ فعال بڻائڻو پوندو.
محمد اورنگزيب چيو ته نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت، ڪارڪردگي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي اوليت ڏني ويندي.
هن چيو ته حڪومت سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪري رهي آهي ۽ معاشي ترقي لاءِ حڪومت ۽ خانگي شعبي وچ ۾ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ناڻي واري وزير چيو ته مختصر مدي دوران ٽيڪس ۽ جي ڊي پي جي تناسب کي 11 کان 12 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻو آهي.
هن ٻڌايو ته گذريل مالي سال آءِ ٽي سروسز جون برآمدات 4.6 ارب ڊالر رهيون، جڏهن ته فري لانسرز آءِ ٽي برآمدات ۾ 1.6 ارب ڊالر جو حصو وڌو.
محمد اورنگزيب موجب شين جون برآمدات به لڳ ڀڳ 30 ارب ڊالر تي برقرار رهيون آهن، پر هن شعبي ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ ۾ توانائي، سرڪاري ادارن، ٽيڪس نظام ۽ نجڪاري سميت اهم شعبن ۾ ڍانچائي سڌارن جو عمل جاري آهي.
هن چيو ته معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي مسلسل عمل ڪرڻو پوندو، جڏهن ته سيڙپڪاري وڌائڻ، خانگي شعبي کي فعال ڪرڻ ۽ برآمدات ۾ اضافو ڪرڻ سان ملڪ کي پائيدار معاشي ترقي جي رستي تي آڻي سگهجي ٿو.