سرگوڌا (ويب ڊيسڪ: پنجاب جي ضلعي سرگوڌا جي ڪوٽ مومن واري علائقي ۾ هڪ گهر مان مڙس ۽ زال جا لاش هٿ آيا آهن. پوليس موجب، شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته مقتول مڙس ڪجهه ڏينهن اڳ ٽين شادي ڪئي هئي، جنهن تان مبينا طور سندس ٻي زال کيس قتل ڪيو ۽ بعد ۾ پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو.
پوليس ترجمان موجب ڪوٽ مومن جي علائقي ۾ هڪ گهر مان زال ۽ مڙس جا لاش ملڻ بعد واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي، جڏهن ته ابتدائي تحقيق مڪمل ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب مقتول ڪجهه عرصو اڳ ٽين شادي ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ گهر ۾ تڪرار پيدا ٿيڻ جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي.
پوليس جي ابتدائي جاچ موجب مقتول جي ٻي زال مبينا طور تي ننڊ ۾ ستل مڙس جي مٿي تي کٽ جي پاون سان وار ڪري کيس قتل ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته مڙس کي قتل ڪرڻ کان پوءِ عورت پڻ مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٻنهي جا لاش هڪ ئي گهر مان هٿ آيا.
پوليس موجب واقعي جا سمورا پاسا جاچ هيٺ آهن، جڏهن ته وڌيڪ حقيقتون فرانزڪ ۽ ٻين قانوني ڪارروائين کان پوءِ سامهون اينديون.
پوليس اختيارين موجب مقتول پهرين زال کي طلاق ڏيڻ کان پوءِ ٻي شادي ڪئي ۽ بعد ۾ ٽين شادي ڪئي هئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي حتمي سببن ۽ حالتن بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته لاشن کي ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.