بيونس آئرس(اسپورٽس ڊيسڪ): ارجنٽينا جي اسٽار فٽبالر ۽ عالمي شهرت يافته رانديگر ليونل ميسي انٽرنيشنل فٽبال تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. 39 ورهين جي ميسي سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ قومي ٽيم لاءِ وڌيڪ نه کيڏڻ جو فيصلو ظاهر ڪيو.
ميسي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهو سندس لاءِ هڪ ڏکوئيندڙ فيصلو آهي، پر هو سمجهي ٿو ته انٽرنيشنل فٽبال کي الوداع چوڻ لاءِ هي ئي صحيح وقت آهي.
ميسي جي رٽائرمينٽ واري فيصلي کانپوءِ ارجنٽينا جي قومي ٽيم ۾ سندس ڊگهي ۽ شاندار سفر جي پڄاڻي ٿي وئي آهي. هو ڪيترن ئي سالن تائين ارجنٽينا جي ٽيم جو اهم ترين رانديگر ۽ ڪپتان رهيو.
رپورٽن موجب هلندڙ سال فيفا ورلڊ ڪپ ۾ به ميسي ارجنٽينا جي قيادت ڪئي، جتي ارجنٽينا مسلسل ٻئي ڀيري ورلڊ ڪپ جي فائنل تائين پهتو، پر فائنل ۾ اسپين هٿان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو.
ميسي جي قيادت ۾ ارجنٽينا 2022ع ۾ قطر ۾ ٿيل فيفا ورلڊ ڪپ جو ٽائيٽل پڻ پنهنجي نالي ڪيو هو. اهو ميسي جي ڪيريئر جي سڀ کان وڏي ڪاميابين مان هڪ قرار ڏنو وڃي ٿو.
ليونل ميسي ارجنٽينا طرفان مجموعي طور 207 انٽرنيشنل ميچون کيڏيون ۽ 125 گول اسڪور ڪيا.
هو ارجنٽينا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ انٽرنيشنل ميچون کيڏندڙ ۽ سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ فٽبالر پڻ آهي.
ميسي جي قومي ٽيم لاءِ سفر ۾ ورلڊ ڪپ فتح کانسواءِ ڪيترائي اهم اعزاز ۽ يادگار لمحات شامل رهيا، جڏهن ته سندس رٽائرمينٽ جو اعلان عالمي فٽبال ۾ وڏي خبر طور سامهون آيو آهي.