ڪراچي: ڊفينس ۾ تشدد جو شڪار ڀاءُ ڀيڻ کي ڌمڪيون، صلح لاءِ دٻاءُ وجهڻ جو انڪشاف

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ): ڪراچي جي علائقي ڊفينس، خيابان بخاري ۾ تشدد جو شڪار ٿيل ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي ڌمڪيون ملڻ ۽ متاثر خاندان کي مبينا طور صلح لاءِ مجبور ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

متاثر خاندان موجب صورتحال سبب هنن پنهنجي فليٽ مان سامان ٻي هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي سائوٿ ٻنهي ڌرين کي اڄ پنهنجي آفيس طلب ڪري ورتو آهي.

واقعي سان لاڳاپيل سامهون آيل وڊيو جي فارنزڪ ڪرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڊيو ۾ نظر ايندڙ پوليس اهلڪارن کي به جاچ لاءِ ٿاڻي تي طلب ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته سامهون آيل وڊيو ۾ هڪ عورت کي هٿن ۾ ڊمبل کڻي پوليس اهلڪارن سان گڏ ڏاڪڻين تان هيٺ لهندي ڏسي سگهجي ٿو، جيڪا فليٽ ٻاهران بيٺل عورت تي ڊمبل سان تشدد ڪندي نظر اچي ٿي.

وڊيو موجب مزاحمت دوران پوليس اهلڪار تشدد جو نشانو بڻجندڙ ماڻهن کي ئي روڪيندا رهيا، جڏهن ته سادا ڪپڙا پهريل هڪ شخص مبينا طور پوليس اهلڪار کان سرڪاري بندوق وٺي سي سي ٽي وي ڪيمرا به ٽوڙي ڇڏيو.

تشدد جو شڪار ٿيل عورت الزام لڳايو آهي ته هوءَ پنهنجي والده ۽ ڀاءُ سان گڏ رهندي آهي ۽ هڪ بااثر عورت مٿن مبينا طور تشدد ڪيو.

متاثر عورت موجب واقعي کانپوءِ ٻنهي ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي گرفتار ڪرائي سندن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪرايو ويو، جڏهن ته ٻنهي ڪجهه ڏينهن اندر ضمانت حاصل ڪري ورتي هئي.

هاڻي نون ڌمڪين ۽ صلح لاءِ مبينا دٻاءُ واري معاملي تي پوليس طرفان جاچ جاري آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي سائوٿ پاران ٻنهي ڌرين کي طلب ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ اڳڀرائي جو امڪان آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں