ناظم آباد اسپتال مان تازو ڄاول ٻار گم ٿيڻ وارو معاملو ڳجھارت بڻيل، عورت ڳورھاري ئي نه هئي، اسپتال انتظاميا

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ): ڪراچي جي ناظم آباد واري علائقي ۾ هڪ خانگي اسپتال ۾ ٻار جي پيدائش وارو معاملو اوچتو تڪراري بڻجي ويو، جتي هڪ شهري اسپتال تي پنهنجي تازو ڄاول ٻار کي غائب ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. ٻئي طرف اسپتال انتظاميا الزام رد ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته عورت ڳورھاري ئي نه هئي ۽ معاملي جي حقيقت سامهون آڻڻ لاءِ سي سي ٽي وي رڪارڊ ۽ طبي رپورٽن جو جائزو ورتو پيو وڃي.

ناظم آباد نمبر 3 ۾ واقع هڪ خانگي اسپتال ۾ 27 آگسٽ جي رات تازو ڄاول ٻار غائب ٿيڻ جي الزام کانپوءِ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، متاثر خاندان ۽ مائٽن پاران اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي وئي.

اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي اسپتال جي عملي ۽ متاثر خاندان جا بيان رڪارڊ ڪيا ۽ معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

عورت جي مڙس راشد اقبال جي دعويٰ آهي ته سندس زال زوبيا جي حمل بابت الٽراسائونڊ رپورٽون ۽ 38 هفتن جو طبي رڪارڊ موجود آهي. سندس چوڻ آهي ته آپريشن کانپوءِ ڊاڪٽرن کيس ٻڌايو ته عورت ڳورھاري نه هئي ۽ ٻار موجود ئي ناهي.

اسپتال ذريعن موجب زوبيا نالي عورت حمل جي شروعات کان ئي چيڪ اپ لاءِ اسپتال ايندي رهي هئي، پر ڊليوري جي وقت اسپتال انتظاميا کي شڪ ٿيو ته شايد اسپتال آندل عورت تبديل ڪئي وئي هئي.

اسپتال انتظاميا موجب گذريل 8 کان 9 مهينن جي سي سي ٽي وي فوٽيجز گڏ ڪيون پيون وڃن، جن جي مدد سان معاملي جي حقيقت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته جنهن عورت کي ليبر روم ۾ آندو ويو، اها جسماني طور ٿوري ٿلهي هئي، جنهن ڪري شروعاتي طور تي حمل بابت فوري طور اندازو نه ٿي سگهيو. جڏهن عورت کي ليبر روم ۾ منتقل ڪيو ويو ته معائني دوران شڪ ٿيو ۽ کيس واپس ٻاهر آندو ويو.

عورت جي ڳورھاري هجڻ يا نه هجڻ جي تصديق لاءِ طبي ٽيسٽ پڻ ڪرايا ويا آهن، جن جون رپورٽون هڪ کان ٻن ڏينهن اندر اچڻ جو امڪان آهي.

خانگي اسپتال جي گائني ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ڊاڪٽر انجم آرا حسن عورت جي خاندان پاران لڳايل الزام رد ڪري ڇڏيا.

پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڊاڪٽر انجم آرا حسن دعويٰ ڪئي ته ايم ايل او رپورٽن مان پڻ عورت جي ڳورھاري نه هجڻ جي تصديق ٿي آهي.

سندس چوڻ موجب عورت پهريون ڀيرو فيبروري ۾ اسپتال آئي هئي ۽ ان وقت به ٽن مهينن جي حمل جي دعويٰ ڪئي هئي، پر الٽراسائونڊ دوران حمل بابت رپورٽ منفي آئي هئي.

ڊاڪٽر انجم آرا حسن الزام لڳايو ته عورت جي اسپتال واري فائل ۾ موجود معائني جي ڪجهه داخلا جعلي آهي. سندس موجب جنهن ڏينهن عورت داخل ٿيڻ لاءِ آئي، ان سان گڏ ڪنهن ٻئي اسپتال جي مبينا جعلي الٽراسائونڊ رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ کيس ڳورھاري ظاهر ڪيو ويو هو.

هن چيو ته اسپتال ۾ معائني دوران دل جي ڌڙڪن ۽ ٻين طبي ٽيسٽن کانپوءِ ڊيوٽي ڊاڪٽر آپريشن ڪيو، پر آپريشن کانپوءِ معلوم ٿيو ته عورت ڳورھاري نه هئي.

واقعي کانپوءِ پوليس اسپتال انتظاميا، عملي ۽ متاثر خاندان جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا آهن، جڏهن ته اسپتال جون پراڻيون سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ طبي رپورٽون جاچ جو اهم حصو بڻجي ويون آهن.

هاڻي اصل سوال اهو آهي ته عورت جي حمل بابت موجود طبي رڪارڊ صحيح آهن يا نه، اسپتال ۾ داخل ٿيندڙ عورت ڪير هئي ۽ خاندان پاران تازو ڄاول ٻار غائب ڪرڻ جو الزام ڪيتري حد تائين درست آهي.

طبي ٽيسٽن، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ پوليس جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي معاملي جي اصل حقيقت وڌيڪ واضح ٿيڻ جو امڪان آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں