ڪراچي (بيورو رپورٽ): مير رضا علي قتل ڪيس جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ لاءِ سنڌ حڪومت جي درخواست تي جوڊيشل ڪميشن قائم ڪئي وئي آھي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس عمر سيال کي ڪميشن جو سربراهه نامزد ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب مير رضا علي قتل ڪيس جي جاچ سنڌ ٽربيونل آف انڪوائري آرڊيننس 1969ع تحت ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪميشن جي جوڙجڪ جو باضابطا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
جوڊيشل ڪميشن ڪيس جي جاچ دوران آئيني ۽ قانوني پاسن، جاچ جي شفافيت ۽ واقعي سان لاڳاپيل حقيقتن جو جائزو وٺندو ۽ حقيقتن جو تعين ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
مير رضا علي جي خاندان پاران ظاهر ڪيل خدشن کانپوءِ سنڌ حڪومت طرفان قتل ڪيس جي شفاف جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ياد رهي ته 29 جولاءِ تي ڪراچي جي علائقي گلستانِ جوهر مان مير رضا علي جو گولين لڳل لاش هٿ آيو هو، جنهن کانپوءِ پوليس طرفان ڪيس جي جاچ شروع ڪئي وئي هئي.
ٻئي طرف مير رضا علي جي وارثن جوڊيشل ڪميشن جي قيام خلاف ۽ ڪيس جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم (JIT) جوڙڻ بابت درخواست پڻ داخل ڪئي آهي.
درخواست جي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ چيمبر ۾ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت ڌرين کي 31 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.
درخواست ۾ سنڌ حڪومت جي مختلف ادارن سميت 19 ڄڻن کي ڌر بڻايو ويو آهي. مير رضا جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر اسامه ۽ ڊاڪٽر سميعه سميت ڪيس جي جاچ ڪندڙ ٽيم جا ميمبر پڻ درخواست ۾ ڌر بڻايا ويا آهن.
درخواستگذار جي وڪيل جبران ناصر موقف اختيار ڪيو ته پوليس جي جاچ اڃا تائين ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهتي آهي. سندس چوڻ هو ته ميڊيا ذريعي معلوم ٿيو ته سنڌ حڪومت جوڊيشل ڪميشن قائم ڪري رهي آهي.
وڪيل موجب هن مرحلي تي جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ سان ڪيس جي جاچ تي منفي اثر پئجي سگهي ٿو، جڏهن ته ڪميشن جي انڪوائري کي عدالت ۾ چالان طور پيش نٿو ڪري سگهجي.