مهانگائي جي سٽيل عوام لاءِ هڪ ٻيو ڌڪ؟ بجلي 2 رپيا 52 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي تياري

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): مهانگائي جي ماريل عوام لاءِ هڪ ٻيو وڏو ڌڪ، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي سي پي اي) ملڪ ۾ بجلي 2 رپيا 52 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، منظوري جي صورت ۾ بجلي صارفين تي جي ايس ٽي سميت 41 ارب رپين جو اضافي بار پئجي سگهي ٿو.

نيپرا جي پڌرائي موجب سي سي پي اي جولاءِ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي، جنهن تي نيپرا 27 آگسٽ تي ٻڌڻي ڪندو.

درخواست موجب جولاءِ دوران درآمدي ايل اين جي مان في يونٽ بجلي جي پيداوار تي 47 رپيا 37 پيسا لاڳت آئي، جڏهن ته ايل اين جي مان مجموعي طور 77 ارب 19 ڪروڙ رپين جي بجلي پيدا ڪئي وئي.

سي سي پي اي موجب جولاءِ ۾ مجموعي بجلي پيداوار جو 10.78 سيڪڙو حصو ايل اين جي مان پيدا ٿيو، جڏهن ته فرنس آئل مان 1.42 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. فرنس آئل مان في يونٽ بجلي جي لاڳت 50 رپيا 7 پيسا رهي ۽ ان ذريعي 10 ارب 77 ڪروڙ رپين جي بجلي پيدا ڪئي وئي.

درخواست موجب جولاءِ ۾ پاڻي مان 39.81 سيڪڙو، مقامي ڪوئلي مان 10.91 سيڪڙو ۽ درآمدي ڪوئلي مان 14.38 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي.

اهڙي طرح نيوڪليئر ذريعن مان 10.10 سيڪڙو بجلي پيدا ٿي، جنهن جي في يونٽ فيول لاڳت صرف 3 رپيا 2 پيسا رهي.

سي سي پي اي موجب جولاءِ ۾ ڊيزل مان پڻ بجلي پيدا ڪئي وئي. ڊيزل ذريعي 3 ڪروڙ 10 لک يونٽ بجلي پيدا ٿي، جنهن جي في يونٽ لاڳت 54 رپيا 47 پيسا رهي.

نيپرا موجب سي سي پي اي جي درخواست تي 27 آگسٽ تي ٻڌڻي ٿيندي، جنهن کانپوءِ درخواست جي منظوري يا رد ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.

جيڪڏهن بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست منظور ٿي وئي ته جي ايس ٽي سميت ملڪ جي بجلي صارفين تي مجموعي طور 41 ارب رپين جو اضافي مالي بار پئجي سگهي ٿو، جنهن سان اڳ ئي مهانگائي کي منهن ڏيندڙ عوام جي خرچن ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں