سنڌڙي (رپورٽ: ممتاز علي شر): سنڌڙي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ جهان خان شر ڀرسان پاڻي ۾ ٻڏي ويل 13 ورهين جي نينگري آمنا شر جو لاش 4 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود هٿ اچي نه سگهيو، جڏهن ته ريسڪيو ٽيمن ۽ مقامي ٽوٻن پاران چوٿين ڏينهن به نينگري جي ڳولا جاري رکي وئي.
تفصيل موجب، آمنا شر ڪجهه ڏينهن اڳ پاڻي ۾ ٻڏي وئي هئي، جنهن کانپوءِ سندس وارثن ۽ علائقي واسين پاران لاش جي ڳولا شروع ڪئي وئي. ريسڪيو ٽيمون پڻ واقعي واري هنڌ پهچي سرچ آپريشن ۾ حصو وٺي رهيون آهن، پر ڪيترن ئي ڪوششن باوجود نينگري جو لاش هٿ نه اچي سگهيو آهي.
چوٿين ڏينهن به ريسڪيو ٽيمن سان گڏ مقامي ٽوٻا پاڻي ۾ لهي نينگري جي ڳولا ڪندا رهيا. لاش هٿ نه اچڻ سبب وارث سخت پريشاني ۽ اذيت ۾ مبتلا آهن.
وارثن جو چوڻ آهي ته وقت گذرڻ سان سندن پريشاني وڌندي پئي وڃي ۽ انتظاميا کي ڳولا وارو آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ گهرجي.
آمنا شر جي وارثن ايريگيشن عملدارن تي الزام لڳائيندي چيو آهي ته هنن لاش جي ڳولا ۾ آساني لاءِ پاڻي گهٽائڻ جي درخواست ڪئي هئي، پر سندن چوڻ موجب پاڻي گهٽائڻ بدران وڌيڪ وڌايو ويو.
وارثن جو چوڻ آهي ته پاڻي جي سطح گهٽ ٿيڻ سان ڳولا وارو آپريشن وڌيڪ آساني سان ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري لاڳاپيل عملدارن کي فوري قدم کڻڻ گهرجن.
وارثن دانهيندي چيو ته واقعي کي 4 ڏينهن گذري چڪا آهن، پر اڃا تائين ڪو به سرڪاري عملدار يا چونڊيل نمائندو سندن مدد لاءِ نه پهتو آهي.
هنن چيو ته هو سخت پريشان آهن ۽ پنهنجي نينگري جي لاش جي ڳولا لاءِ سرڪاري ادارن کان عملي سهڪار جا منتظر آهن.
وارثن حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته نينگري جي ڳولا لاءِ پاڪ نيوي جا وڌيڪ تربيت يافته ٽوٻا، اضافي ريسڪيو ٽيمون ۽ جديد سرچ سامان فوري طور موڪليو وڃي، جيئن آمنا شر جو لاش جلد هٿ اچي سگهي.
وارثن خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن سندن مدد نه ڪئي وئي ۽ سرچ آپريشن کي وڌيڪ اثرائتو نه بڻايو ويو ته هو احتجاج ۽ ڌرڻو ڏيڻ تي مجبور ٿيندا.
علائقي واسين پڻ انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته نينگري جي ڳولا لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري وارثن کي فوري مدد فراهم ڪئي وڃي.