عمرڪوٽ (رپورٽ: قربان علي جنجهي): عمرڪوٽ ۾ پراڻو بس اڏو شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ خلاف شهري ۽ واپاري سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته تقريبن 40 سالن کان شهر اندر قائم بس اڏو اوچتو شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ سبب سندن ڪاروبار سخت متاثر ٿيو آهي.
شهرين موجب پراڻو بس اڏو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان عمرڪوٽ جي ڪاروباري سرگرمين جو اهم مرڪز رهيو، جتان عمرڪوٽ کان ڪراچي، حيدرآباد، ڪنري، سامارو، کپرو، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر سميت مختلف شهرن ڏانهن مسافر گاڏيون روانيون ٿينديون هيون.
بس اڏو شهر کان ٻاهر منتقل ٿيڻ کانپوءِ علائقي جي دڪاندارن ۽ واپارين جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، جڏهن ته مسافرن کي به اچ وڃ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
احتجاج ڪندڙ شهرين ۽ ڪاروباري ماڻهن مطالبو ڪيو آهي ته پراڻو بس اڏو ٻيهر شهر اندر منتقل ڪيو وڃي، جيئن سندن ڪاروباري نقصان جو ازالو ٿي سگهي ۽ شهرين کي پڻ سفري سهولتون آساني سان حاصل ٿين.
شهرين جو چوڻ آهي ته انتظاميا بس اڏي جي منتقلي بابت فيصلو ڪندي مقامي واپارين ۽ شهرين جي مسئلن کي نظرانداز ڪيو آهي، تنهن ڪري لاڳاپيل اختيارين کي فوري طور معاملي جو نوٽيس وٺي
بس اڏو ٻيهر شهر اندر قائم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.