انگلينڊ جي 25 ورھين جي فاسٽ بالر جان ٽرنر اوچتو ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي 25 ورهين جي فاسٽ بالر جان ٽرنر پروفيشنل ڪرڪيٽ تان اوچتي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي پنهنجي 5 سالن تي ٻڌل ڪرڪيٽ ڪيريئر جو اختتام ڪري ڇڏيو.

جان ٽرنر 2024ع ۾ انگلينڊ جي نمائندگي ڪندي 2 ون ڊي انٽرنيشنل ۽ 2 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏيون هيون، پر گذريل سال جون کان ڪمر ۾ فريڪچر سبب هو ڪنهن به پروفيشنل ميچ ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو.

انجريز سبب ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو فيصلو

معاشيات ۾ گريجوئيٽ جان ٽرنر جو هيمپشائر سان معاهدو اڃا 2 سالن لاءِ باقي هو، جڏهن ته گذريل سال جي آخر تائين وٽس انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ جو ڊولپمينٽ ڪانٽريڪٽ پڻ موجود هو.

ان باوجود ٽرنر ڪرڪيٽ کي الوداع چوڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته هاڻي زندگي ۾ ايندڙ چئلينج ڏانهن وڌڻ لاءِ اهو ئي صحيح وقت آهي.

پنهنجي فيصلي جي وضاحت ڪندي جان ٽرنر چيو ته مسلسل انجريز، خاص طور تي کيس هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين ميدان کان پري رکڻ وارو اسٽريس فريڪچر، کيس ڪرڪيٽر جي حيثيت سان پنهنجي مستقبل ۽ ڪرڪيٽ کان ٻاهر زندگي بابت سنجيدگي سان سوچڻ تي مجبور ڪيو.

انگلينڊ جي نمائندگي ننڍپڻ جو خواب هو

جان ٽرنر چيو ته پروفيشنل ۽ عالمي ڪرڪيٽ کيڏڻ هميشه سندس خواب رهيو ۽ هيمپشائر ۽ انگلينڊ جي نمائندگي ڪرڻ سندس ننڍپڻ جي خوابن جي تعبير هئي.

هن چيو ته ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو فيصلو سندس زندگي جي ڏکين ترين فيصلن مان هڪ آهي، پر هاڻي هو زندگي ۾ ايندڙ چئلينجن ڏانهن وڌڻ چاهي ٿو.

هيمپشائر سان 5 سال يادگار قرار

جان ٽرنر 2021ع ۾ هيمپشائر طرفان فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو ڪيو هو.

هن هيمپشائر سان گذاريل 5 سالن کي پنهنجي زندگي جو بهترين دور قرار ڏيندي ڪلب انتظاميا، ڪوچز، ساٿي رانديگرن ۽ مداحن جي مسلسل سهڪار ۽ محبت تي شڪريو ادا ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں