نوشھروفيروز (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) مورو ۾ لنجار ھائوس کي باھھ ڏيڻ واري واقعي جي ڪيس ۾ اين پي پي سربراھھ مرتضيٰ جتوئي ۽ سندس ڀاءُ مسرور جتوئي نوشھروفيروز جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت آڏو پيش ٿيا.
ٻنھي ڌرين جي وڪيلن پاران دليل ڏنا ويا، جنھن بعد ڪيس جي ٻڌڻي 11 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي.
اين پي پي سربراھ مرتضيٰ جتوئي جي نوشھروفيروز عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي نوشھروفيروز ضلعي جي پوليس کانسواءِ نوابشاھ ۽ سانگھڙ جي ايس ايس پيز جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالا عدالت ٻاھران پھتا.
ھي چاھين ٿا ته سنڌ جا سمورا ماڻھو گونگا ٿي وڃن
عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي مرتضيٰ جتوئي چيو تھ حڪمرانن کي اسان جو ميڊيا سان ڳالھائڻ بھ نھ ٿو وڻي، ھي چاھين ٿا تھ سنڌ جا سڀ ماڻھو گونگا ٿي وڃن ۽ ڪير بھ ڪجھھ بھ نھ ڳالھائي.

اين پي پي سربراھ چيو تھ مون اڳ بھ گرفتاري ڏني ھئي ۽ ھاڻي بھ عدالت گرفتاري جو حڪم جاري ڪيو تھ اسان پاڻ گرفتاري ڏينداسين، پيپلزپارٽي وارن دوستن کي چوندس تھ اسان جي لاءِ پوليس اٽالن تي ايڏا پئسا خرچ نھ ڪيو.
ھن چيو تھ اسان ڪيڏانھن ڀڄي وڃڻ وارا نھ آھيون، ڀڄڻو ھجي ھا تھ ڪڏھوڪو ڀڄي وڃون ھا، ججز کي خبر آھي تھ ڪھڙا ڪيس سچا آھن ۽ ڪھڙا ڪيس ڪوڙا آھن.
مرتضيٰ جتوئي چيو تھ ھن وقت 13 ڪيسن کي منھن ڏئي رھيو آھيان ۽ سمورا ڪيس ڪوڙا آھن، لنجار ھائوس کي باھھ ڏيڻ واري ڏينھن عدالت ۾ حاضريءَ تي آيل ھيس، اسان سدائين عدم تشدد واري سياست ڪئي آھي.
هڪ سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ جتوئي چيو ته ريحام خان ڪھڙي حساب سان پارٽي ٺاھي آهي ان جي مون کي خبر ناھي، سياسي پارٽيز جو ٺھڻ جمھوريت لاءِ بھتر آھي.
ھوم منسٽر جي گھر کي باھه ڏيڻ جو ڪيس
نوشھرو فيروز پوليس مئي 2025 ۾ مورو ۾ صوبائي گھرو وزير ضياءَ لنجار جي گھر کي باھ ڏيڻ واري ڪيس ۾ بندش پيل تنظيم جي اڳواڻ شفيع برفت سان گڏ مرتضيٰ جتوئي ۽ سندس ڀاءَ مسرور جتوئي جا نالا بھ جوابدار طور نامزد ڪيا.
لنجار ھائوس جي مئنيجر دوست علي سولنگي جي فرياد تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو ته 20 مئي تي جوابدارن لنجار ھائوس تي حملو ڪري ملازمن کي مارڪٽ ڪئي ۽ ڦرلٽ بعد ھائوس کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو تھ حملو ڪندڙ جوابدار چئي رھيا ھئا تھ ھـُو جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي، سندس ڀاءُ مسرور جتوئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ باز خان سيال ۽ بندش پيل تنظيم جي اڳواڻ شفيع برفت جي چوڻ تي حملو ڪري رھيا آھن.
مورو ۾ ساڳئي ڏينھن احتجاج ڪندڙ ماڻھن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس جي ڪيل ڪارروائي دوران 2 نوجوان زاھد لغاري ۽ عرفان لغاري اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ درجنين ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو ھو.
مرتضيٰ جتوئي خلاف داخل کل جوڳا ڪيس
اڳوڻي وفاقي وزير، اين پي پي جي سربراھ ۽ جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي خلاف موٽر سائيڪل جي چوري کان ويندي پيٽرول پمپ تي 3 ھزار روپين جي ڌاڙي ۽ ٻڪري چوري جھڙا ڪيس بھ داخل ڪيا ويا.
3 ڏينھن اڳ مرتضيٰ جتوئي خلاف موٽرسائيڪل چوري جو ڪيس ڏوڪري جي عدالت مان سيشن ڪورٽ منتقل ڪيو ويو، سيشن ڪورٽ جي جج ايڊيشنل سيشن جج کي مقرر ڪندي ٻڌڻي 18 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ان کان اڳ راڻيپور جي عدالت ھنڱورجا ٿاڻي تي مرتضيٰ جتوئي خلاف داخل ڪرايل موٽرسائيڪل چوري ۽ پيٽرول پمپ تان 3 ھزار روپين جي ڦرلٽ ۽ سھولتڪاري ڪيس مان کيس آجو ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ھئا.
فيبروري 2025 ۾ مرتضيٰ جتوئي کي پيپلزپارٽي جي ڪارڪن بلاول زرداري جي قتل ڪيس ۾ نوشھروفيروز مان گرفتار ڪيو ويو ھو.
پوليس جو چوڻ ھو تھ 2024 جي اليڪشن دوران مرتضيٰ جتوئي تي پ پ ڪارڪن جي قتل جو ڪيس داخل ٿيل ھو، ڪيس ۾ حاضر نھ ٿيڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويو آھي.
28 فيبروري تي اين پي پي سربراھ کي ضمانت منظور ٿيڻ بعد نارا جيل مان آزاد ڪيو ويو.