لاهور: ٽائون شپ ٿاڻي ۾ گرفتار ٻه عورتون فوت، پوليس منشيات جي وڌيڪ استعمال کي سبب قرار ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

چوري ۽ فراڊ جي الزام هيٺ گرفتار عورتن جي طبيعت اوچتو بگڙي، اسپتال منتقل ڪرڻ باوجود حياتيون بچي نه سگهيون.

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي ٽائون شپ ٿاڻي ۾ چوري ۽ فراڊ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل ٻه عورتون فوت ٿي ويون آهن، جڏهن ته پوليس سندن موت جو سبب منشيات جو وڌيڪ استعمال قرار ڏنو آهي.

پوليس موجب، ٻنهي عورتن کي ايمرجنسي 15 تي مليل ڪال کانپوءِ آپريشنز ونگ ڪارروائي ڪندي حراست ۾ ورتو هو. مدعين عورتن خلاف چوري ۽ فراڊ جي دفعات تحت ڪيس داخل ڪرايو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي عورتن خلاف اڳ به ڪيترائي ڪيس داخل هئا ۽ هو منشيات استعمال ڪرڻ جون عادي هيون.

پوليس موجب، حراست دوران ٻنهي عورتن جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي، جنهن کانپوءِ ريسڪيو 1122 کي طلب ڪري کين فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هو جانبر نه ٿي سگهيون.

واقعي کانپوءِ پوليس وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ٻنهي عورتن جي موت جي اصل سبب بابت قانوني ڪارروائي ۽ طبي رپورٽن جو انتظار ڪيو پيو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں