اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آزاد ڪشمير جي چونڊن دوران ڌانڌلي جي الزامن سبب پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) وچ ۾ وڌندڙ سياسي ڇڪتاڻ کانپوءِ ٻنهي اتحادي جماعتن جي سينيئر اڳواڻن مظفرآباد ۾ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اختلاف گهٽائڻ ۽ صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
مليل ڄاڻ موجب، هي ملاقات ميرپور جي چونڊن کانپوءِ ٻنهي پارٽين وچ ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري سخت بيان بازي ۽ چونڊ ڌانڌلي جي الزامن کانپوءِ ٿي. ان جو مقصد اهو هو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن بابت پيدا ٿيل تڪرار وفاقي اتحادي حڪومت ۾ ٻنهي جماعتن جي لاڳاپن تي اثرانداز نه ٿئي.
ملاقات ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن قمر زمان ڪائره، نديم افضل چن، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل راٺوڙ ۽ نيئر بخاري، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي طرفان راڻا ثناءُالله ۽ امير مقام شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب، مسلم ليگ (ن) پيپلز پارٽي کان منظم چونڊ ڌانڌلي جي الزامن جا ثبوت طلب ڪيا، جنهن تي پيپلز پارٽي موقف اختيار ڪيو ته سندس اعتراض صرف ايل اي-5، ايل اي-9، ايل اي-11 ۽ ايل اي-12 تڪن تائين محدود آهن، جتي سندن خيال ۾ سنگين بي ضابطگيون ٿيون.
مسلم ليگ (ن) جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اعتراض رڳو چئن تڪن تائين محدود آهن ته پوءِ باقي نون تڪن جا نتيجا عملي طور قبول ڪيا ويا آهن، جتي (ن) ليگ پنج ۽ پيپلز پارٽي چار سيٽون حاصل ڪيون آهن.
ذريعن موجب، ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موجوده سياسي محاذ آرائي کي وڌيڪ نه وڌايو وڃي ۽ نه ئي ان کي آزاد ڪشمير جي چونڊن جي باقي مرحلن تي منفي اثر وجهڻ ڏنو وڃي.
ملاقات دوران خاص طور تي مظفرآباد سميت باقي رهيل تڪن ۾ پولنگ واري ڏينهن سيڪيورٽي انتظامن تي به اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي جماعتن فيصلو ڪيو ته پولنگ اسٽيشنن جي اندر يا ڀرپاسي ڪنهن به شخص کي هٿيار کڻي اچڻ جي اجازت نه هوندي، جيئن پرامن، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون يقيني بڻائي سگهجن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هي ملاقات ٻنهي اتحادي جماعتن جي وچ ۾ پيدا ٿيل سياسي تڪرار کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ وفاقي حڪومت ۾ اتحاد کي برقرار رکڻ لاءِ پهرين سنجيده ڪوشش قرار ڏني پئي وڃي.