اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تڪراري ٽوئيٽس ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ طرفان سزا مليل ايمان مزاري ۽ هادي چٺا جون سزا معطلي واريون درخواستون ٻڌڻي لاءِ قابلِ سماعت قرار ڏئي ڇڏيون آهن.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اعظم خان محفوظ فيصلو ٻڌائيندي پراسيڪيوشن جي اها درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن ۾ سزا معطلي واريون درخواستون ناقابلِ سماعت قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي.
عدالت گذريل ٻڌڻي دوران ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پراسيڪيوشن جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.
پراسيڪيوشن جو موقف هو ته ايمان مزاري ۽ هادي چٺا سزا معطلي لاءِ درخواستون وقت کان اڳ داخل ڪيون آهن، تنهن ڪري اهي ٻڌڻي جوڳيون ناهن.
واضح رهي ته ايڊيشنل سيشن جج محمد افضل مجوڪا پيڪا ايڪٽ تحت داخل ڪيل ڪيس ۾ ايمان مزاري ۽ هادي چٺا کي 17، 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.
ٻنهي جوابدارن سزا معطل ڪرائڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري رکيو آهي، جتي هاڻي سندن درخواستن تي باقاعده ٻڌڻي ڪئي ويندي.