ميڪسيڪو سٽي: ميڪسيڪو ۾ 40 سالن کان پوءِ فيفا ورلڊ ڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچڻ جي خوشي افسوسناڪ واقعي ۾ تبديل ٿي وئي، جتي جشن دوران هجوم ۾ 3 ڄڻا ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا۔
فٽبال ورلڊ ڪپ جي رائونڊ آف 32 ۾ ميڪسيڪو، ايڪواڊور کي 0-2 تان شڪست ڏئي 40 سالن کان پوءِ پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو۔
هن فتح کان پوءِ ميڪسيڪو سٽي ۾ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو جشن ملهائڻ لاءِ روڊن تي نڪري آيا۔ شهري انتظاميا موجب اڪثر ماڻهو شهر جي مرڪز ۾ واقع اينجل آف انڊيپنڊنس جي ڀرپاسي گڏ ٿيا هئا۔
ميچ کان پوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ جشن جو سلسلو دير تائين جاري رهيو، جتي آتشبازي پڻ ڪئي وئي۔
بهرحال، جشن دوران ايمرجنسي سروسز مختلف هنڌن تان 3 بيهوش ماڻهن کي ابتدائي طبي امداد ۽ سي پي آر ڏيڻ کان پوءِ اسپتال منتقل ڪيو، پر ٽئي ڄڻا ساهه ٻوساٽجڻ سبب حياتي وڃائي ويٺا۔
صحت کاتي موجب فوت ٿيلن ۾ 19 ورهين جي هڪ نينگري، 48 ورهين جي هڪ عورت ۽ 44 ورهين جو هڪ مرد شامل آهن۔
ڪلارا بروگاڊا متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي کين هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي۔ بعد ۾ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ هن شوقينن کي اپيل ڪئي ته “جشن هميشه ذميواري، احتياط ۽ ٻين جي احساسن جو خيال رکندي ملهايو وڃي.”