راولپنڊي: پاڪ فوج جي شعبي تعلقاتِ عامه آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته افغان طالبان حڪومت جي طرفان بلوچستان ۾ سرحد پار ڊرون اڏامون ڪرايون ويون، جنهن تي پاڪستان مؤثر جوابي ڪارروائي ڪندي اهي ڊرون ڪيرائي ڇڏيا۔
آءِ ايس پي آر موجب 30 جون تي افغان طالبان حڪومت پنهنجي انتظام هيٺ علائقي مان سرگرم دهشتگرد تنظيمن جي مبينا سرپرستي جي سلسلي کي جاري رکندي بلوچستان جي سرحد ڏانهن شروعاتي نوعيت جا 4 ڊرون موڪليا، جن کي پاڪستان جي مضبوط فضائي دفاعي نظام فوري طور سڃاڻي ورتو۔
جاري ڪيل بيان موجب سيڪيورٽي فورسز اعليٰ درجي جي آپريشنل تياري جو مظاهرو ڪندي جديد دفاعي قدمن ذريعي چئني ڊرونن کي ڪاميابي سان تباهه ڪري ڇڏيو، جڏهن ته وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي سبب دشمن جا سڀئي مبينا ارادا ناڪام بڻايا ويا۔
آءِ ايس پي آر موجب افغان طالبان حڪومت جي اهڙي قسم جي ڪارروائين جو مقصد پنهنجي حڪومت هيٺ مشڪلاتن جو شڪار افغان عوام جو ڌيان هٽائڻ آهي۔ افغان طالبان کي اهو احساس ڪرڻ گهرجي ته سندن غير ذميواراڻو رويو افغان عوام جي مسئلن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رهيو آهي۔
بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغان طالبان کي پنهنجي عوام کي اهڙن قدمن ۽ بيانن ذريعي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران دهشتگردي جي سرپرستي ڇڏڻ گهرجي ۽ پُرامن گڏيل بقاءَ جي اصولن تي عمل ڪرڻ گهرجي۔
ساڳئي وقت خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن افغان طالبان پاڪستان خلاف اشتعال انگيزي يا سرحد پار ڪارروايون جاري رکيون ته کين اهڙو اثرائتو جواب ڏنو ويندو، جنهن جي کين وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. پاڪستان جون هٿياربند فوجون ملڪ جي چپي چپي جي دفاع لاءِ مڪمل طور تي چوڪس ۽ هر وقت تيار آهن۔
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان جي خودمختياري کي نقصان پهچائڻ يا عوام جي جان ۽ مال کي خطري ۾ وجهندڙ ڪنهن به سرحد پار مهم جوئي يا اشتعال انگيزي جو فوري، فيصلائتو ۽ ڀرپور جواب آپريشن غضب للحق تحت ڏنو ويندو رهندو۔