لائیو اداڪارا مومنه اقبال جي پراسرار انسٽاگرام پوسٽ، خاموشي ٽوڙڻ جو اشارو

فہرستِ مضامین

پاڪستاني اداڪارا مومنه اقبال سوشل ميڊيا تي هڪ پراسرار بيان جاري ڪندي اشارو ڏنو آهي ته جيڪڏهن حالتن مجبور ڪيو ته هو تازن واقعن جي مڪمل حقيقت ۽ ثبوت عوام آڏو آڻيندي۔

اداڪارا پنهنجي ڀيڻ رمشا اقبال جو بيان شيئر ڪندي لکيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران هوءَ ۽ سندس خاندان بيشمار مشڪلاتن مان گذريا آهن۔

مومنه اقبال چيو آهي ته هن ڪيترين ئي ناانصافين باوجود خاموشي اختيار ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ هوءَ پنهنجي ذاتي زندگي کي عوامي تماشو بڻائڻ نٿي چاهي۔

هن پنهنجي والد جي ٻه سال اڳ وفات جو ذڪر ڪندي لکيو ته سندن وڃڻ کانپوءِ خاندان لاڳيتو آزمائشن ۽ ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي۔

پنهنجي بيان ۾ اداڪارا مومنه اقبال ڪجهه نامعلوم ماڻهن کي مخاطب ڪندي سوال اٿاريو ته آخر هو پنهنجي اثر ۽ رسوخ هيٺ ڪيترا ماڻهو آڻي سگهن ٿا۔

هن چيو ته وقت اچڻ تي حقيقت پاڻ سامهون اچي ويندي ۽ کيس اميد آهي ته سڀئي ثبوت عوام آڏو پيش ڪرڻ جي نوبت نه ايندي۔

مومنه اقبال پنهنجي پيغام جي پڄاڻيءَ ۾ لکيو ته، “هڪ هڪ جو ٻڌائينديس پوءِ، ان شاءَ الله، منهنجو گواهه الله آهي.”

اداڪارا پنهنجي بيان ۾ ڪنهن به فرد يا واقعي جو نالو نه ورتو، پر ايترو ضرور اشارو ڏنو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته هوءَ سموريون حقيقتون ۽ تفصيل عوام آڏو آڻي ڇڏيندي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں