اينڊي برنهم اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو وزيراعظم بڻيو ته حڪومتي اختيار علائقن ڏانهن منتقل ڪندو۔
برطانيه جو وزيراعظم بڻجڻ جي مهم شروع ڪرڻ کانپوءِ اينڊي برنهم مانچسٽر ۾ پاليسي خطاب دوران چيو ته پارليامينٽ ۽ وائيٽ هال ۾ بنيادي سڌارن جي ضرورت آهي۔
هن چيو ته هو حڪومتي اختيار مرڪز کان منتقل ڪندو، جڏهن ته وزيراعظم جي آفيس کي “نمبر 10 نارٿ” تائين وڌايو ويندو. پاڻي، بجلي، رهائش، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ تي عوامي ڪنٽرول هوندو۔
اينڊي برنهم جو چوڻ هو ته برطانيه هائوسنگ بحران ۾ ڦاسي ويو آهي، ۽ “نمبر 10 نارٿ” ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڪائونسل گهرن جي تعمير جي سڀ کان وڏي پروگرام جي نگراني ڪندو۔
هن چيو ته نوجوانن کي رڳو يونيورسٽي وڃڻ بدران صنعتي برطانيه ۾ ڪيريئر اختيار ڪرڻ جا واضح موقعا پڻ فراهم ڪيا ويندا۔
اينڊي برنهم هاءِ اسٽريٽس جي بحالي لاءِ ڪاروباري ٽيڪسن ۾ وڏين سڌارن جو واعدو به ڪيو ۽ چيو ته هو برطانيه کي اهو “سرڪٽ بريڪر” ڏيڻ وڃي رهيو آهي، جنهن جي ملڪ کي ضرورت آهي۔
هن وڌيڪ چيو ته تبديلي آڻڻ ممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته مانچسٽر ۾ اسان اڳ ئي تبديلي آڻي ڏيکاري آهي۔