پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هفتيوار اپڊيٽ سامهون اچي وئي آهي، جتي 3 ڏينهن واري ڪاروباري هفتي دوران واپار ۾ مثبت رجحان ڏسڻ ۾ آيو۔
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هلندڙ هفتي 100 انڊيڪس 648 پوائنٽن جي واڌ سان 179,571 پوائنٽن تي بند ٿيو۔
ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 2,833 پوائنٽن جي حد ۾ رهيو۔ هفتي دوران 100 انڊيڪس جي بلند ترين سطح 180,507 پوائنٽس ۽ گهٽ ترين سطح 177,674 پوائنٽس رڪارڊ ڪئي وئي۔
شيئرز بازار ۾ هن هڪ هفتي دوران 2.4 ارب شيئرن جا سودا ٿيا، جن جي ڪل ماليت 112 ارب رپيا رهي۔
سڄي هفتي دوران مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن ۾ 139 ارب رپين جي گهٽتائي آئي، جنهن کان پوءِ اها گهٽجي 20,134 ارب رپين تائين پهچي وئي۔