اسپين ۾ شديد گرمي جي لهر سبب هلندڙ هفتي دوران گهٽ ۾ گهٽ 212 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن۔ اهو اندازو ميڊريڊ جي انسٽيٽيوٽو ڊي سالود ڪارلوس ٽئين لڳايو آهي۔
انگن اکرن موجب 2025ع ۾ انهن ئي چئن ڏينهن دوران 98 فوتگيون رڪارڊ ٿيون هيون، جڏهن ته 2026ع ۾ اهو انگ وڌي 212 تائين پهچي ويو آهي۔
نيشنل سينٽر آف ايپيڊيميالوجي (سي اين اي) موجب اهي ابتدائي انگ اکر آهن ۽ انهن جي مڪمل تصديق ۽ استحڪام لاءِ لڳ ڀڳ هڪ هفتي جو وقت گهربل هوندو۔
سي اين اي جي سائنسدان ڊيانا گوميز موجب جون مهيني دوران هينئر تائين عارضي طور تي 380 فوتگيون شديد گرمي سبب رڪارڊ ڪيون ويون آهن، جن مان 55 سيڪڙو فوتگيون تازو آيل گرمي جي لهر جي صرف چئن ڏينهن دوران ٿيون آهن۔
اسپين يورپ جي انهن ملڪن مان هڪ آهي، جيڪي موسمياتي تبديليءَ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن۔
ملڪ اڳ ئي سخت گرمي جو عادي رهيو آهي، پر تازن سالن ۾ گرمي جي لهرن جي شدت ۾ واضح اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته گرمي جي مختلف دورن وچ ۾ وقفو به گهٽ ٿيندو پيو وڃي۔
موسمياتي اداري موجب جون 2026ع جا ڪجهه ڏينهن 1950ع کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ گرم ڏينهن ۾ شمار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جون 2025ع اڳ ئي رڪارڊ تي سڀ کان گرم مهينو قرار ڏنو ويو هو۔