اسلام آباد: ارڙهن سالن کان گهٽ عمر ۾ شادي کي جرم قرار ڏيندڙ پنجاب چائلڊ ميريج ريسٽرينٽ آرڊيننس 2026ع کي فيڊرل شريعت ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي۔
درخواست مفتي محمد اسلم پنهنجي وڪيل معرفت داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ سيڪريٽري ذريعي پنجاب جي گورنر سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين کي ڌر بڻايو ويو آهي۔
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته آرڊيننس جون شقون 2-ڊي، 3 ۽ ٻيا لاڳاپيل سيڪشن آئين ۽ شريعت جي ابتڙ آهن، جڏهن ته 18 سالن کان گهٽ عمر ۾ شادي کي جرم قرار ڏيڻ اسلامي شريعت جي خلاف آهي۔
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ رياست کي انتظامي معاملن ۽ نظم و ضبط لاءِ قانون سازي جو اختيار حاصل آهي، پر شريعت سان لاڳاپيل معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه هجڻ گهرجي۔
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت پنجاب چائلڊ ميريج ريسٽرينٽ آرڊيننس 2026ع جون شقون 2-سي، 2-ڊي سميت ٻيا لاڳاپيل سيڪشن ڪالعدم قرار ڏئي، ۽ درخواست جي حتمي فيصلي تائين آرڊيننس تي عملدرآمد روڪڻ جو حڪم جاري ڪري۔