لائیو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 25 ارب رپين کان وڌيڪ بي ضابطگيون، هزارين غير مستحق ماڻهن کي امداد جي ادائيگين جو انڪشاف

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: (خاص رپورٽ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) بابت آڊٽ سال 2025-26 جي رپورٽ ۾ مالي سال 2024-25 دوران سنگين مالي ۽ انتظامي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي. آڊٽ رپورٽ موجب ناقص ڊيٽا، ڪمزور نگراني ۽ نظام جي خامين سبب 6 لک کان وڌيڪ نااهل ماڻهن کي اربين رپين جون امدادي ادائيگيون ڪيون ويون، جڏهن ته مجموعي طور 25 ارب رپين کان وڌيڪ مالي بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

آڊٽ رپورٽ مطابق بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم (MIS) ۾ مستحقن جي پروفائيلنگ دوران سنگين خاميون سامهون آيون. انهن خامين سبب 601,850 ڪيسن ۾ مالي بي ضابطگين ۽ مشڪوڪ ادائيگين جي نشاندهي ٿي، جن جي ماليت 25 ارب رپين کان وڌيڪ ٻڌائي وئي آهي.

آڊٽ دوران هڪ انتهائي حيران ڪندڙ انڪشاف اهو به ٿيو ته ڊيٽابيس ۾ 5,558 عورتن لاءِ هڪ ئي شخص کي مڙس طور درج ڪيو ويو هو. آڊيٽرن موجب اهو ڊيٽا انٽري، تصديق ۽ نگراني جي نظام ۾ سنگين خامين جو ثبوت آهي، جنهن سبب مستحقن جي سڃاڻپ جو سڄو عمل سوالن جي ور چڙهي ويو آهي.

رپورٽ موجب وفاقي ڪابينا جي 24 ڊسمبر 2019ع واري فيصلي تحت سرڪاري ملازم، پينشنر ۽ سندن زال يا مڙس بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي امداد جا اهل ناهن. ان باوجود مالي سال 2024-25 دوران 12,078 سرڪاري ملازمن، پينشنرن ۽ سندن گهر ڀاتين کي 515.7 ملين رپيا (51 ڪروڙ 57 لک رپيا) ادا ڪيا ويا.

حاضر سروس سرڪاري ملازم

گريڊ 1 کان 16 تائين 673 ملازمن کي 2 ڪروڙ 52 لک رپيا، گريڊ 17 جي 8 ملازمن کي 9 لک رپيا.

سرڪاري ملازمن جا گهر ڀاتي

گريڊ 1 کان 16 جي ملازمن جي 9,124 گهر ڀاتين کي 40 ڪروڙ 28 لک رپيا، گريڊ 17 کان 20 جي ملازمن جي 87 گهر ڀاتين کي 25 لک رپيا.

گريڊ 1 کان 16 جي 218 پينشنرن کي 74 لک رپيا،گريڊ 17 ۽ 18 جي 22 پينشنرن کي 7 لک رپيا.

پينشنرن جا گهر ڀاتي

گريڊ 1 کان 16 جي 1,847 گهر ڀاتين کي 7 ڪروڙ 41 لک رپيا، گريڊ 17 کان 20 جي 107 گهر ڀاتين کي 28 لک رپيا.

ڊيپارٽمينٽل اڪائونٽس ڪميٽي (DAC) هن معاملي تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي هدايت جاري ڪئي آهي ته سڀني نااهل فائدو وٺندڙن جا اڪائونٽ فوري طور بلاڪ ڪيا وڃن ۽ غير قانوني طور ورتل امدادي رقم واپس وصول ڪئي وڃي.ڊيٽابيس جي مڪمل ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي. ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

آڊٽ رپورٽ موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو مقصد غريب ۽ مستحق خاندانن جي مدد ڪرڻ آهي، پر ڊيٽا جي غلطين، تصديق جي ڪمزور نظام ۽ نگراني جي کوٽ سبب ڪيترائي غير مستحق ماڻهو به پروگرام مان فائدو وٺندا رهيا.

مالي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آڊٽ رپورٽ ۾ ڄاڻايل خامين کي درست نه ڪيو ويو ته اربين رپين جي سرڪاري امداد حقيقي مستحقن تائين پهچڻ بدران غير مستحق ماڻهن جي هٿن ۾ وڃڻ جو خطرو برقرار رهندو.

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت آڊٽ رپورٽ حڪومت جي سماجي تحفظ واري سڀ کان وڏي پروگرام ۾ سنگين انتظامي ۽ مالي خامين جي نشاندهي ڪري ٿي. 25 ارب رپين کان وڌيڪ بي ضابطگيون، 6 لک کان وڌيڪ مشڪوڪ ڪيس، 5,558 عورتن لاءِ هڪ ئي مڙس جو اندراج ۽ 12 هزار سرڪاري ملازمن کي امدادي رقم جي ادائيگي جهڙا انڪشاف نه رڳو نظام جي ڪمزوري ظاهر ڪن ٿا، پر شفافيت، احتساب ۽ عوامي پئسي جي صحيح استعمال بابت به اهم سوال اٿارين ٿا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں