ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن تيز رجحان ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي۔
شيئر بازار ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 1,156 پوائنٽن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ انڊيڪس ھڪ لک 78 هزار 849 پوائنٽن تي پهچي ويو۔
اڄ هيل تائين ٿيندڙ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 77 هزار 931 پوائنٽن جي گهٽ ترين سطح تائين به آيو، جڏهن ته ھڪ لک 78 هزار 902 پوائنٽن جي بلند ترين سطح تائين به پهتو۔
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس ھڪ لک 77 هزار 692 پوائنٽن تي بند ٿيو هو۔
ھوڏانھن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر ھڪ پئسو سستو ٿي 278 رپيا 20 پئسن جو ٿي ويو آهي۔
واضح رهي ته گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 21 پئسن تي بند ٿيو هو۔