هيوسٽن: فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو جي شاندار ڪارڪردگي سبب پرتگال ازبڪستان کي 5-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي۔
هيوسٽن ۾ کيڏيل ميچ ۾ رونالڊو 2 گول اسڪور ڪيا، جنهن جي مدد سان پرتگال گروپ K ۾ پنهنجي پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي۔
پرتگال شروعات کان ئي ميچ تي حاوي رهيو، ۽ ڇهين منٽ ۾ 41 ورهين جي رونالڊو شاندار گول ڪري پنهنجي ٽيم کي برتري ڏياري۔
ان کان پوءِ 17هين منٽ ۾ نونو مينڊس فري ڪڪ تان شاندار لو شاٽ هڻي اسڪور 0-2 ڪري ڇڏيو۔
29هين منٽ ۾ ازبڪستان ڊگهي فاصلي تان خوبصورت گول ڪيو، پر فاؤل سبب اهو گول رد ڪيو ويو۔
39هين منٽ ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجو ٻيو گول ڪري پرتگال جي برتري 0-3 تائين پهچائي ڇڏي ۽ ٽيم کي هاف ٽائيم تائين مضبوط پوزيشن ۾ آڻي ڇڏيو۔
ٻئي هاف جي شروعات کان ئي پرتگال جارحاڻي راند اختيار ڪندي ازبڪستان تي دٻاءُ وڌايو۔
60هين منٽ ۾ پرتگال چوٿون گول ڪيو۔ برونو فرنانڊيز جي ڪارنر تي جوائو فيلڪس جي بيڪ هيل ڪوشش کان پوءِ بال لائين تي خوشانوف سان ٽڪرائجي سندس ئي ڄار ۾ هلي وئي، اهڙي طرح ازبڪستان خلاف بدقسمت اون گول ٿي ويو۔
87هين منٽ ۾ رافائيل لياؤ شاندار فنش ڪندي پرتگال جو اسڪور 0-5 ڪري ڇڏيو۔
اضافي وقت ۾ رونالڊو هيٽ ٽرڪ ڪرڻ جي ويجهو پهچي ويو، پر آخري موقعو ضايع ٿي ويو، ۽ ميچ پرتگال جي مڪمل ڪنٽرول سان ختم ٿيو۔
رونالڊو فيفا ورلڊ ڪپ ۾ تاريخ رقم ڪري ڇڏي
ڪرسٽيانو رونالڊو فيفا ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي۔ هو دنيا جو پهريون فٽبالر بڻجي ويو آهي، جنهن 6 مختلف ورلڊ ڪپ ايڊيشنن ۾ گول ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي۔
پرتگال جي ڪپتان رونالڊو ازبڪستان خلاف ميچ جي پهرين هاف ۾ ٻه گول اسڪور ڪيا هئا۔
واضح رهي ته 41 ورهين جو رونالڊو 2006، 2010، 2014، 2018، 2022 ۽ 2026 جي ورلڊ ڪپن ۾ گول ڪري چڪو آهي۔
رونالڊو ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو ٻيو سڀ کان وڌيڪ گول اسڪورر پڻ بڻجي ويو آهي۔