لائیو پاڪستاني ٽيم کي وڏو ڌڪ، رضوان کانپوءِ سعود شڪيل جي دستيابي به غير يقيني

فہرستِ مضامین

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ دوري لاءِ مڊل آرڊر بيٽر سعود شڪيل جي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شموليت شڪي ٿي وئي آهي۔

ذريعن موجب فٽنيس مسئلن سبب سعود شڪيل جي قومي اسڪواڊ جو حصو نه بڻجڻ جو امڪان آهي۔

ذريعن جو چوڻ آهي ته سعود شڪيل جي انجري مان صحتيابي تي ڪم جاري آهي، جڏهن ته ڪرڪيٽر جي متبادل طور ڪيمپ ۾ هڪ ٻئي مڊل آرڊر بيٽر کي سڏائڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي۔

ذريعن موجب زخمن ۽ فٽنيس مسئلن سبب سليڪٽرن کي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ مجبورن وڌيڪ تبديليون ڪرڻيون پئجي رهيون آهن۔

سعود شڪيل کان اڳ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان جي به انفٽ هجڻ جون خبرون سامهون آيون هيون، جڏهن ته سندس متبادل طور روحيل نذير کي ريڊ بال ڪيمپ ۾ شامل ڪيو ويو آهي۔

واضح رهي ته ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ لاءِ پاڪستان جو ريڊ بال ڪيمپ جاري آهي، جتي رانديگر اڄ ايل سي سي گرائونڊ ۾ سيناريو ميچ کيڏندا۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں