وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا-ايران معاهدي ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير جو عزم ۽ اڻٿڪ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، جنهن کان سواءِ ڪا به اڳڀرائي ممڪن نه هئي۔
هڪ بيان ۾ هن چيو ته الحمدلله! اسلام آباد مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تحت پهريون اعليٰ سطحي اجلاس ڪاميابي سان مڪمل ٿيو، ڳالهين جو عمل مثبت ۽ تعميري ماحول ۾ ٿيو، جنهن مان همٿ افزا نتيجا ۽ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي۔
وزيراعظم جو چوڻ هو ته اجلاس ۾ ايندڙ 60 ڏينهن اندر حتمي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته سياسي نگراني فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ باقاعده ۽ مضبوط اعليٰ سطحي ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌيڪ فني سطح جي ڳالهه ٻولهه جو باقاعده آغاز پڻ ڪيو ويو آهي۔
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو آمريڪا ۽ ايران ٻنهي ملڪن جي قيادت جي مسلسل تعميري رابطن ۽ ڳالهين لاءِ عزم کي ساراهي ٿو۔ هن چيو ته هن تاريخي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ سهڪار ڪندڙ سڀني ڀائرن ۽ دوست ملڪن جو شڪرگذار آهي، جڏهن ته ڳالهين لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي ڀائر ملڪ قطر جو به ٿورائتو آهي۔
هن وڌيڪ چيو ته سوئس حڪومت جو پڻ شڪريو ادا ڪريان ٿو، جنهن ڳالهين جي ميزباني ۽ سهولتڪاري ڪئي۔ وزيراعظم فيلڊ مارشل عاصم منير کي خاص خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته سندس ڪوششن سبب هي ڪاميابي حاصل ٿي، ۽ سندس عزم ۽ اڻٿڪ لگن قابلِ تعريف آهي، جنهن کان سواءِ ڪا به اڳڀرائي ممڪن نه هئي۔
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي آفيس جي سفارتي ڪوششن تي دل جي گهراين سان شڪرگذار آهي، جڏهن ته گهرو وزير محسن نقوي جي محنت کي به ساراهي ٿو، جنهن هن ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ هن چيو ته پاڪستان پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري ۾ پنهنجو مخلصاڻو ڪردار جاري رکندو۔