ڪراچي جي مختلف منصوبن لاءِ وفاقي بجيٽ ۾ مختص فنڊز جا تفصيل سامهون اچي ويا آھن۔
دستاويز موجب ڪراچي اربن انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ پيڪيج لاءِ 7 ارب 50 ڪروڙ رپيا ۽ گريٽر ڪراچي واٽر بلڪ سپلاءِ اسڪيم لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن۔
وفاقي بجيٽ ۾ گرين لائين بس ڪراچي لاءِ ھڪ ارب 98 ڪروڙ رپيا ۽ اولھ ضلعي ڪراچي ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ 24 ڪروڙ 54 لک رپيا مختص ڪيا ويا آهن۔
دستاويز موجب ناظم آباد ۽ لياقت آباد ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ 22 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته لانڍي ۽ ڪورنگي ٽائون ۾ روڊن، پاڻي، نيڪال نظام ۽ پلي گرائونڊز لاءِ 20 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن۔
سينٽرل ضلعي ۾ روڊن، گهٽين، پاڻي ۽ نيڪال واري نظام لاءِ 4 ڪروڙ 50 لک رپيا مختص ڪيا ويا آهن، ملير ۾ روڊن، گهٽين ۽ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ 5 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته ڪراچي ڪوسٽل پاور پراجيڪٽ يونٽ ون ۽ ٽو لاءِ ھڪ ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن۔