خيبر: مبينا گهريلو تشدد جو شڪار بڻيل پرڏيهي عورت کي بازياب ڪرايوويو۔
خيبر جي تعلقي باڙا ۾ مبينا گهريلو تشدد جو نشانو بڻيل پرڏيهي عورت کي بازياب ڪرايو ويو آهي۔
سي سي پي او ڊاڪٽر ميان سعيد موجب 54 ورهين جي فرينچ عورت بابت 18 جون تي اطلاع مليو جنهن بعد پوليس گهر تي ڇاپو هنيو، جتي مبينا طور تي کيس تشدد جو نشانو بڻايو پئي ويو۔
ڊاڪٽر ميان سعيد ٻڌايو ته پرڏيهي عورت هڪ پاڪستاني شهري سان شادي ڪئي هئي ۽ هوءَ 2014 کان باڙا ۾ رھندي هئي۔
عورت ٻڌايو آهي ته کيس مبينا طور تي مڙس طرفان بدسلوڪي ڪئي ويندي ھئي ۽ کيس گهر کان ٻاهر وڃڻ جي به اجازت نه ڏني ويندي هئي۔
سي سي پي او موجب فرينچ عورت ۽ سندس 4 ٻارن کي تحويل ۾ وٺي پشاور منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پرڏيھي عورت فرانس واپس وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي۔
هن ٻڌايو ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جاري آهي، فارن آفيس جي ذريعي فرينچ سفارتخاني کي خط موڪليو ويو آهي، ۽ متاثر عورت جي مڙس خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي۔