لائیو فیفا ورلڊ ڪپ: مصر نيوزي لينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

فہرستِ مضامین

مصریا ورلڊ ڪپ گروپ جي ميچ ۾ مصر نيوزي لينڊ کي ھڪ جي مقابلي ۾ 3 گولن سان شڪست ڏئي ڇڏي۔

ميچ ۾ نيوزي لينڊ پهرين هاف جي 15هين منٽ ۾ گول ڪري برتري حاصل ڪئي، جڏهن ته ٻئي هاف ۾ مصر شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري. 58هين منٽ ۾ مصطفيٰ زيڪو مقابلو برابر ڪيو۔

مصر جو ٻيون گول اسٽار رانديگر محمد صلاح 67هين منٽ ۾ ڪيو، جڏهن ته مصر لاءِ ٽيون گول ٽريزيگوئي ڪيو۔

3-1 جي فتح کان پوءِ مصر جي ٽيم پنهنجي گروپ ۾ 4 پوائنٽن سان پهرين نمبر تي اچي وئي آهي۔

ٻئي پاسي گروپ ايڇ جي ميچ ۾ اسپين سعودي عرب کي 0-4 سان شڪست ڏني۔

اسپين جي ميڪال ۽ يازبال ٻه ٻه گول اسڪور ڪيا۔

ايران ۽ بيلجيئم جو ميچ بنا ڪنهن گول جي برابر رهيو، لاس اينجلس اسٽيڊيم ۾ کيڏيل گروپ جي ميچ ۾ ايران ۽ بيلجيئم وچ ۾ مقابلو سٺو رهيو۔

ان کان علاوه نون آيل ٽيم ڪيپ ورڊي هڪ وڌيڪ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي هڪ وڌيڪ پوائنٽ حاصل ڪري ورتو۔

هنن يوراگوئي جهڙي تجربيڪار ٽيم خلاف مقابلو 2-2 گول سان برابر ڪري ڇڏيو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں