ڪراچي/نئين دهلي (خاص رپورٽ) سنڌو ماٿريءَ جي عظيم تهذيب جي عالمي سڃاڻپ بڻيل موهن جي دڙي جي مشهور ڪانسي جي مورتي “ڊانسنگ گرل” هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ثقافتي ورثي بابت بحث جو مرڪز بڻجي وئي آهي. سوال اهو آهي ته موهن جي دڙي مان دريافت ٿيل هي ناياب آثار، جيڪو اڄ پاڪستان جي سرزمين تي موجود آثار قديمه واري ماڳ سان تعلق رکي ٿو، آخر ڀارت ڪيئن پهتو؟
تاريخي رڪارڊ موجب هي تقريباً 10.5 سينٽي ميٽر اوچي ڪانسي جي مورتي 1926ع ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائي دوران برطانوي ماهر آثار قديمه ارنسٽ ميڪي هٿ ڪئي هئي. هي مورتي پنهنجي منفرد بيهڪ، هٿن ۾ چوڙين ۽ فنڪاراڻي انداز سبب سنڌو تهذيب جي سڀ کان مشهور علامتن مان هڪ بڻجي وئي.
ورهاڱي کان اڳ برطانوي دور ۾ موهن جي دڙي ۽ هڙپا مان مليل هزارين نوادرات نمائش لاءِ لاهور مان دهلي منتقل ڪيا ويا هئا. 1946ع ۾ آثار قديمه جي کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل مورٽيمر ويلر ڪيترائي اهم آثار دهلي ۾ نمائش لاءِ موڪليا. ان وقت ڪنهن کي به اندازو نه هو ته هڪ سال پوءِ هندستان جو ورهاڱو ٿيڻ وارو آهي.
1947ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي قيام کان پوءِ موهن جي دڙو ۽ هڙپا جا اصل ماڳ پاڪستان ۾ اچي ويا، جڏهن ته انهن ماڳن مان مليل ڪيترائي نوادرات دهلي ۾ موجود هئا. پاڪستان انهن آثارن جي واپسي جو مطالبو ڪيو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين کان پوءِ هزارين نوادرات ورهايا ويا. ان ورهاست دوران پاڪستان مشهور “پريسٽ ڪنگ” (پجاري بادشاهه) واري مورتي حاصل ڪئي، جڏهن ته “ڊانسنگ گرل” ڀارت وٽ رهي ۽ اڄ به نئين دهلي جي قومي عجائب گهر ۾ رکيل آهي.
پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ماهرن ۽ قانوندانن جو موقف رهيو آهي ته “ڊانسنگ گرل” موهن جي دڙي مان ملي هئي، جيڪو سنڌ ۾ واقع آهي، تنهنڪري اها پاڪستان جي ثقافتي ورثي جو حصو آهي. 2014ع ۽ 2016ع ۾ به پاڪستان طرفان هن مورتي جي واپسي بابت مطالبا ۽ عدالتي درخواستون سامهون آيون هيون.
ٻئي طرف ڀارت جو موقف آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب رڳو هڪ ملڪ جي نه، پر سڄي ڏکڻ ايشيا جي گڏيل ورثي جي نمائندگي ڪري ٿي، ۽ ورهاڱي وقت ٿيل معاهدن تحت “ڊانسنگ گرل” قانوني طور ڀارت جي حصي ۾ آئي هئي.
تازو وري هي مورتي تڪرار جو موضوع تڏهن بڻي جڏهن ڀارت جي تعليمي اداري اين سي اي آر ٽي پنهنجي درسي ڪتاب ۾ مورتي جي تصوير ۾ تبديلي ڪئي، جنهن تي تاريخدانن ۽ ماهرن اعتراض ڪيو. بعد ۾ اصل تصوير بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
موهن جي دڙي جي “ڊانسنگ گرل” رڳو هڪ ننڍڙي مورتي نه، پر پنج هزار سال پراڻي سنڌو تهذيب جي فني عظمت، ڌاتوڪاري جي مهارت ۽ ثقافتي سڃاڻپ جي علامت آهي. اڄ به اهو سوال برقرار آهي ته ڇا هي عالمي شهرت يافته آثار هڪ ڏينهن پنهنجي اصل ڌرتي سنڌ ڏانهن موٽندو يا نه.