لائیو گلگت بلتستان ۾ سياسي اتحاد، استحڪام پاڪستان پارٽي جو پيپلز پارٽي سان گڏ حڪومت ٺاهڻ جو اعلان

فہرستِ مضامین

گلگت (خاص رپورٽ) گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي جي عمل دوران سياسي اتحادن جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي، جتي استحڪام پاڪستان پارٽي (IPP) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي (PPP) جي قيادت گڏيل طور تي حڪومت ٺاهڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن واضح ڪيو ته تفصيلي مشاورت ۽ گڏجاڻين کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته گلگت بلتستان ۾ نئين حڪومت جي قيام ۾ استحڪام پاڪستان پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي جو مڪمل ساٿ ڏيندي.

سياسي ذريعن موجب ٻنهي پارٽين وچ ۾ ٿيل ڳالهين دوران مستقبل جي حڪومتي ڍانچي، وزارتن جي ورڇ ۽ انتظامي معاملن تي به ابتدائي اتفاق ٿيو آهي، جڏهن ته حتمي اعلان جلد متوقع آهي.

استحڪام پاڪستان پارٽي جي قيادت جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ سياسي استحڪام، ترقياتي عمل جي تسلسل ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته اتحاد جو مقصد گلگت بلتستان ۾ هڪ مضبوط ۽ پائيدار حڪومت قائم ڪرڻ آهي.

سياسي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته هن اتحاد سان گلگت بلتستان جي سياسي منظرنامي ۾ نئون توازن پيدا ٿيندو، جنهن جو اثر ايندڙ انتظامي فيصلن ۽ ترقياتي منصوبن تي به پئجي سگهي ٿو.

ياد رهي ته گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي جو عمل آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي، ۽ مختلف سياسي جماعتون پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ لاءِ اتحادن جو سلسلو جاري رکيو پيون اچن.

نئين اتحاد کي علائقي جي سياسي استحڪام لاءِ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته مخالف ڌرين طرفان به صورتحال تي نظر رکي پئي وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں