لائیو خيرپور: پ پ ايم پي اي  نعيم احمد کرل کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ، جنازي نماز ۾ وزيراعليٰ سنڌ سميت وڏي انگ ۾ شهرين جي شرڪت

فہرستِ مضامین

خيرپور ( رپورٽر ) خيرپور ضلعي ۾ سنڌ جي سياست سان لاڳاپيل اهم شخصيت ۽ رڪنِ سنڌ اسيمبلي سردار نعيم احمد کھرل کي اباڻي قبرستان ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو. سندس جنازي نماز سرڪاري ممتاز گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي ۽ سرڪاري شخصيتن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.

جنازي نماز ۾ وزيراعليٰ سنڌ ، صوبائي وزيرن ضياءُ الحسن لنجار، شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر شاهه، سعيد غني، مڪيش چاولا سميت ٻين ڪيترن ئي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.

ان کان علاوه سينيٽر پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري، سکر ڪمشنر عابد سليم قريشي، ڊي آءِ جي ناصر آفتاب، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر جي صدر قربان علي مَلانو ايڊووڪيٽ، ۽ اڳوڻو رڪن قومي اسيمبلي نواب خان وسان پڻ جنازي نماز ۾ موجود هئا.

رپورٽن موجب جنازي ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان مان هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن سبب ماحول سوڳوار بڻيل رهيو. مرحوم جي سياسي خدمتن ۽ علائقي ۾ عوامي رابطا سبب ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت سندس عوامي اثر کي ظاهر ڪيو.

سردار نعيم احمد کھرل ڪيترائي ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو رڪن چونڊيو ويو ۽ پنهنجي تڪ ۾ ترقياتي ڪمن ۽ سياسي سرگرمين لاءِ سڃاتو ويندو هو. سندس لاڏاڻي کي علائقي ۾ هڪ وڏو سياسي نقصان قرار ڏنو پيو وڃي.

جنازي کانپوءِ کيس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، جتي مٽن مائٽن ۽ سياسي ساٿين پاران مرحوم لاءِ دعائون ڪيون ويون.

سياسي قيادت مرحوم جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں