لائیو قومي اسيمبلي 31 وزارتن ۽ ڊويزنن جا 91.71 ٽريلين کان وڌيڪ جا 125 مطالبا منظور ڪري ورتا، اپوزيشن جون 307 ڪٽوتي واريون تجويزون رد

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (خاص رپورٽ) قومي اسيمبلي مالي سال 2026-27ع جي بجيٽ بابت اهم مرحلو مڪمل ڪندي 31 وزارتن ۽ ڊويزنن جي 91 ٽريلين 71 ارب 78 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت وارن 125 مطالبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته اپوزيشن پاران پيش ڪيل 307 ڪٽوتي واريون تحريڪون اڪثريت راءِ سان رد ڪيون ويون.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر  جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير  مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ گهربل بجيٽ مطالبا ايوان آڏو پيش ڪيا.

منظور ٿيل مطالبن ۾ سڀ کان وڏو حصو ناڻي ڊويزن لاءِ رکيو ويو، جنهن لاءِ 42 ٽريلين 62 ارب رپين کان وڌيڪ رقم منظور ڪئي وئي. دفاع ۽ دفاعي ڊويزن لاءِ 30 ٽريلين 67 ارب رپين کان وڌيڪ رقم منظور ڪئي وئي، جيڪا مجموعي بجيٽ جو وڏو حصو بڻجي ٿي.

ان کان علاوه توانائي ڊويزن لاءِ 6 ٽريلين 61 ارب رپيا، مواصلات ڊويزن لاءِ لڳ ڀڳ 1.25 ٽريلين رپيا، تعليم ۽ پيشه ورانه تربيت لاءِ 121 ارب 26 ڪروڙ رپيا، ريلويز لاءِ 111 ارب 13 ڪروڙ رپيا ۽ گهرو وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن لاءِ 45 ارب رپيا منظور ڪيا ويا.

ساڳي ريت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت لاءِ 42 ارب 7 ڪروڙ رپيا ۽ اطلاعات ۽ نشريات ڊويزن لاءِ 27.5 ارب رپين کان وڌيڪ جا مطالبا پڻ منظور ڪيا ويا.

اپوزيشن طرفان ڪابينا ڊويزن، ناڻي ڊويزن ۽ توانائي ڊويزن جي بجيٽ ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ مجموعي طور 307 ڪٽوتي واريون تحريڪون پيش ڪيون ويون. انهن مان 90 تحريڪون ڪابينا ڊويزن، 100 ناڻي ڊويزن ۽ 116 توانائي ڊويزن سان لاڳاپيل هيون، پر ايوان انهن سڀني کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو.

دلچسپ ڳالهه اها رهي ته دفاعي بجيٽ خلاف اپوزيشن طرفان ڪا به ڪٽوتي واري تحريڪ پيش نه ڪئي وئي، جنهن بعد دفاعي بجيٽ جا سمورا مطالبا آساني سان منظور ٿي ويا.

قومي اسيمبلي ماحولياتي تبديلي واري ڊويزن لاءِ 3 ارب 89 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ، واپار واري ڊويزن لاءِ 27 ارب 99 ڪروڙ رپيا ۽ دفاعي پيداوار واري ڊويزن لاءِ 2 ارب 11 ڪروڙ رپين جا مطالبا به منظور ڪري ورتا.

بجيٽ جي منظوري دوران حڪومتي اتحاد ۽ اپوزيشن وچ ۾ بحث به ٿيو، جتي اپوزيشن وفاقي خرچن، قرضن ۽ دفاعي بجيٽ بابت سوال اٿاريا، جڏهن ته حڪومت موقف اختيار ڪيو ته موجوده معاشي حالتن ۾ اهي خرچ ملڪ جي مالي ۽ قومي سلامتي جي ضرورتن کي نظر ۾ رکي ترتيب ڏنا ويا آهن.

قومي اسيمبلي جي هن منظوري کان پوءِ مالي سال 2026-27ع جي وفاقي بجيٽ جي منظوري جو عمل وڌيڪ اڳتي وڌي ويو آهي، جڏهن ته اپوزيشن بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي ان تي پنهنجا اعتراض برقرار رکيا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں