اسلام آباد: پاڪستان جي دفاع واري وزير خواجہ محمد آصف قومي اسيمبلي ۾ اعتراف ڪيو آهي ته اينٽي مني لانڊرنگ سميت ڪيترن ئي بلن تي قانونسازي دوران فوجي اداري آءِ ايس آءِ جي آفيسرن جي موجودگي ۾ ڪم ڪيو ويندو هو.
قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جتي بجيٽ تي بحث دوران حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.
خواجه آصف اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو تہ هو پنهنجي ضمير جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ سچ ڳالهائي رھيو آهي. سندس مطابق اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جي گهر ۾ بہ قانونسازي بابت گڏجاڻيون ٿينديون رھيون، جتي جنرل فيض جي موڪليل ماڻهن ۽ آءِ ايس آءِ جي آفيسرن سان گڏ ويهي قانونن جي شڪل ڏني ويندي هئي.
هن وڌيڪ چيو ته اهي سڀ عمل اڳ بہ ٿيندا رھيا آهن، تنهنڪري هاڻي ڪنهن کي بہ تنقيد ڪرڻ جو اخلاقي حق ناهي ته هو ٻين کي طعنا ڏئي.
اجلاس ۾ بيان کان پوءِ سياسي ماحول وڌيڪ گرم ٿي ويو ۽ حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ جاري رھي.