رجنيش ۽ شيلا جو داستان , يوٽوپين سٽي ۽ “جونز ٽائون وارو قتل عام “

فہرستِ مضامین

شڪيل سومرو

 مون ڪجھ سال اڳ ڀڳوان رجنيش اوشو جي زندگي تي فلمايل 6 حصن تي ٻڌل Netflix  جي سيريز ڊاڪيومينٽري Wild Wild Country ڏٺي هئي ,هن ڊاڪيومينٽري سيريز تي  دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾  گهڻي عرصي تائين ٽيڪا ٽپڻي هلندي رهي  . هدايتڪار ميڪلن وي جي هدايتڪاري هيٺ ٺهيل هي ڊاڪيومينٽري Netflix تي 16 مارچ 2018 تي رليز ڪئي وئي هئي . اوشو ۽ سندس تڪراري پرسنل سيڪريٽري ما آنند شيلا جي زندگي جي چوڌاري گهمندڙ هن ڊاڪيومينٽري سيريز  ريڪارڊ بزنس ڪيو هو . ڀڳوان آچاريا رجنيش اوشو جو اصل نالو چندرا موهن جين هو . 11ڊسمبر1931 عيسوي تي ڪڇواڊا ڀوپال اسٽيٽ ۾ جنم وٺندڙ چندرا موهن اڳتي هلي شري ڀڳوان رجنيش اوشو جي نالي سان مشهور ٿيو . فلاسافي جي ڊگري رکندڙ گرو رجنيش ننڍپڻ کان باغي ذهن رکندڙ هو . يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سان ڪنهن ڳالھ تان ڦڏو ٿي پيس ۽ نتيجو وڃي پروفيسري جي نوڪري وڃائڻ تائين پهتو . 1960 واري ڏھاڪي ۾ هن پهريون دفعو سنياسي جو روپ ڌاري تپسيا جي پرچار شروع ڪئي . هندستان جي مختلف شهرن جو دورو ڪري ليڪچر ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيائين . 1974 ع ۾ پونا ۾ پهريون آشرم قائم ڪيائين . گرو رجنيش جي ليڪچر جا موضوع نفسيات , سياست ,جنس , ڪلا , موسيقي ,صوفي ازم ,شاعري , سرمائيداري , سوشلزم ۽ گانڌي ازم هوندا هئا . هن سوشلزم ۽ گانڌي ازم جي کليل مخالفت ڪئي . 60 ۽ 70 واري ڏھاڪي جي هندستاني معاشري ۾  جنس (SEX) تي کليل اظھار ڪرڻ جي آزادي نه هئي . رجنيش اوشو پنهنجي ليڪچرز ۾ کليل طور تي جنس تي ڳالهائيندي چيو ته سيڪس پاپ ناهي . جنس بابت اهڙا خيال رکڻ تي ڀڳوان رجنيش جي نالي پٺيان  سيڪس گرو جو ٽيگ لڳايو ويو . 1980 ع تائين اوشو جي تپسيا (ڌيان ) واري آشرم ۾ 30هزار سنياسين  جي رجسٽريشن ٿي چڪي هئي . سنياسين جو وڌندڙ انگ ڏسي گرو رجنيش ان وقت جي هندستاني سرڪار کي مختلف شهرن ۾  نوان آشرم قائم ڪرڻ لاء زمين الاٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي . انتهاپسند ڌرمي پنڊتن ۽ ڪجھ سياسي اڳواڻن  جي سخت مخالفت سبب ڀڳوان رجنيش کي آشرم لاء وڌيڪ زمين الاٽ ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو .1981 ع ۾ ھندستان جي گجرات صوبي جي بڙودا شهر ۾ جنم وٺندڙ شيلا امبالا پٽيل المعروف ما آنند شيلا کي ڀڳوان گرو رجنيش جو پرسنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو . نوجوان خوبصورت ناري شيلا جي گرو رجنيش سان ويجهڙائي وارن لڳ لاڳاپن سبب شيلا ٿوري عرصي اندر رجنيشي راڻي (Rajneshee Queen ) طور شهرت حاصل ڪري ورتي . چيو وڃي ٿو ته ما آنند شيلا جي چوڻ تي  گرو رجنيش پنهنجو پونا وارو آشرم آمريڪا منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو . ما آنند شيلا 18 سالن جي ڄمار ۾ هندستان مان لڏپلاڻ ڪري وڃي آمريڪا جا وڻ  وسايا .  هو هڪڙي ئي وقت تي آمريڪا , سوئٽزرلينڊ ۽ هندستان جي شهريت رکندڙ آھي .1981 ع ۾  شيلا جي ڪوشش سان سندس آمريڪي مڙس جان شيلفر معرفت 5. 75 ملين ڊالر رقم جي ادائيگي عيوض آمريڪا جي اوريگان اسٽيٽ ۾ واسڪو ڪائونٽي ۾ واقع اينٽلوپ نالي نيگروز ڪارن جي وسندي ويجهو 64 هزار ايڪڙ بنجر زمين خريد ڪري رجنيش پورم نالي جديد طرز جو خوبصورت شهر اڏيو ويو . رجنيش پورم نالي جديد شهر قائم ٿيڻ کانپوء رجنيش فائونڊيشن انٽرنيشنل  قائم ڪري ما آنند شيلا کي ان جو صدر مقرر ڪيو ويو . آمريڪا جي اوريگان اسٽيٽ ۾ 260 اسڪوائر ڪلوميٽر جي وسيع ايراضي ۾ قائم ڪيل رجنيش پورم ۾ رجنيش آشرم ,  ريسٽورنٽس , مالز , ريزروائير, ٽائون هائوسز , پولٽيڪل سسٽم , بينڪاري سسٽم , هيلٿ ڪئير سسٽم , آرگئنڪ فارم ,  فائر ڊپارٽمينٽ , پوليس , پبلڪ ٽرانسپورٽ , سيويج ريڪليميشن پلانٽ , پوسٽ آفيس , ائير اسٽرپ , ائير پورٽ سميت سموريون سهولتون فراهم ڪيون ويون هيون . اوريگان اسٽيٽ ۾ ٿوري عرصي اندر هڪ جديد شهر جي اڏاوت ۽ ان شهر ۾  ڌاري آبادي جي آبادڪاري سبب اينٽلوپ جي مقامي آبادي ۾ هڪڙي خوف جنم ورتو .مقامي آبادي جو ڌاري آبادي سان ٽڪراء شروع ٿي ويو .1983 ء ۾ رجنيش پورم ۾ گرو رجنيش جي نالي تي قائم ڪيل هوٽل رجنيش تي بم ڌماڪو ڪيو ويو . بم ڌماڪي جو الزام اسلامڪ مليٽنٽ گروپ جماعت الفقراء مٿان لڳو . بم ڌماڪي واري واردات کانپوء شيلا آپي مان ٻاهر نڪري آئي .   مقامي آبادي جڏھن وڌندڙ ڌاري آبادي جي روڪٿام لاء ھٿيار کڻي مزاحمت جو رستو اختيار ڪيو ۽ بم ڌماڪا ٿيڻ شروع ٿيا  ته اهڙي مزاحمت کي ساڳئي انداز سان جواب ڏيڻ لاء ما آنند شيلا ڏوڪڙن عيوض جديد آٽوميٽڪ هٿيار خريد ڪري انهن جا لائسنس وٺڻ شروع ڪيا ( آمريڪا ۾ سيلف ڊفينس خاطر قانوني طور تي لائسنس وارا جديد هٿيار رکڻ جي اجازت آهي ). رجنيش فائونڊيشن انٽرنيشنل وٽ پئسن جي ڪا کوٽ نه هئي ,  ٿوري عرصي اندر ايڊوانس رشين ,آمريڪن آٽوميٽڪ هٿيار اچڻ کانپوء سنياسين جي فورس تيار ڪري کين ٽريننگ ڏياري ميدان تي لاٿو ويو . مقامي آبادي کي جڏھن مزاحمت جو جواب مزاحمت سان ملڻ شروع ٿيو ته هنن پسپائي اختيار ڪئي . رجنيش پورم ۾ هر قسم جي جديد سهولتن  جي موجودگي سان گڏ انٽرنيشنل ڪميونٽي جي آبادڪاري ,  تپسيا ( Meditation) واري آشرم جي موجودگي سبب هن خوبصورت شهر کي خوابن وارو شهر (Utopian City) طور سڃاتو ويندو هو . ڀڳوان گرو رجنيش هتي منتقل ٿيڻ بعد خاموشي اختيار ڪئي . ما آنند شيلا سندس ترجمان هجڻ سان گڏ پرسنل سيڪريٽري وارا فرض نڀائيندي رهي . نئين شهر آباد ٿيڻ کانپوء ما آنند شيلا جو سياسي اثر رسوخ ايتري حد تائين وڌي ويو جو واسڪو ڪاوئنٽي جي چونڊن ۾ هن حصي وٺڻ جو فيصلو ڪيو . مقامي آبادي جي ووٽرن پاران اعتراض وارڻ بعد شيلا جا نامزدگي فارم رد ڪرايا ويا . شيلا انهي انتقام جو پلاند وٺڻ ۽ ڪائونٽي جي اليڪشن کٽڻ لاء حياتياتي دهشتگردي واري حملي ۽ کاڌي ۾ زهر ملائي مقامي ووٽرن کي پولنگ عمل کان پري رکڻ  وارا منصوبا ٺاهيا. ڪائونٽي جي اليڪشن کٽڻ ۽ مقامي ڪاري آبادي کي مات ڏيڻ لاء 1984 ع ۾  آمريڪا جي تاريخ ۾  پهريون دفعو شيلا مٿان حياتياتي دهشتگردي حملي  (Bioterrorist Attack) جو الزام لڳو . ايف بي آء جي انويسٽيگيشن ۾ اها ڳالھ سامهون آئي ته ما آنند شيلا Salmonella وائرس جو استعمال ڪري Food poisoning واري ڏوھ وسيلي 751 مقامي ماڻھن کي بيمار ڪري ڇڏيو ۽ 45 ماڻھو ڳڻتي جوڳي حالت تي پهچڻ کانپوء اسپتال داخل ڪيا ويا .

شيلا مٿان حياتياتي دهشتگردي حملي کانسواء گرو رجنيش اوشو جي ذاتي ڊاڪٽرن کي قتل ڪرڻ جي رٿابندي , فيڊرل پراسيڪيوٽر چارلس ٽرنر Charles Turner جي قتل جي سازش , پهرين آمريڪي مڙس مارڪ هيرس سلورمين Marc Harris Silverman  کي زهر جو انجيڪشن لڳائي مارڻ , اميگريشن فراڊ ۽ ٻين ڪيترن ڏوهن جا الزام لڳايا ويا. شيلا لاء اهو به چيو وڃي ٿو ته جڏھن هالي ووڊ جي فنڪارن ۽ پروڊيوسرن جي هڪ گروپ جنهن ۾ هالي ووڊ جي مشهور فلم گاڊفادر جي پروڊيوسر به شامل هئي , رجنيش پورم جو دورو ڪيو هو ۽ گرو رجنيش سان ملاقات ڪئي هئي ته اها ڳالھ شيلا کي نه وڻي هئي ۽ ھن ۾  پهريون دفعو ساڙ پيدا ٿيو هو . گرو رجنيش جنهن کي اميرن جو گرو ۽ ڀڳوان  سمجهيو ويندو هو,  سو لگزري گاڏين جو تمام وڏو شوقين هو . گرو رجنيش جي آشرم ۾ 94 رولز رائيس گاڏيون موجود هيون ۽ ھن جي خواهش ھئي ته لگذري گاڏين جو انگ 365 تائين هجي . شيلا ۽ گرو رجنيش ۾ اختلاف تڏھن پيدا ٿيڻ شروع ٿيا جڏھن شيلا جي وڌندڙ ڏوهن جي فهرست گرو رجنيش جي سامهون آندي وئي . شيلا گرو رجنيش جي پرسنل ڊاڪٽر کي به مارائڻ جو منصوبو جوڙيو هو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو .  شيلا جي ڏوهن بابت جڏھن گرو رجنيش تائين ڄاڻ پهتي ته هن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو . چيو وڃي ٿو ته گرو رجنيش جي پڇاڻي کان اڳ شيلا پنهنجي 20 ساٿين سميت رجنيش پورم کي ڇڏي هلي وئي . گرو رجنيش کي جڏھن شيلا ۽ ساٿين جي فرار ٿيڻ جي خبر ٻڌائي وئي ته گرو رجنيش پنهنجي پاڻمرادو اختيار ڪيل خاموشي ٽوڙي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪري شيلا جي ڏوهن بابت ميڊيا کي ڄاڻ فراهم ڪئي ۽ گڏو گڏ آمريڪي حڪومت ۽  ايف بي آئي کان شيلا خلاف فوري ڪاروائي جو مطالبو ڪيو ويو .  گرو رجنيش جي مطالبي تي ايف بي آء جي ٽيم ۽ ٻيون جاچ ڪندڙ ايجنسيون جڏهن رجنيش پورم پهتيون  ته هنن شڪ جي بنياد تي ڀڳوان گرو رجنيش ۽ شيلا خلاف جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو هو .گرو رجنيش خلاف رڳواميگريشن فراڊ جون ثابتيون مليون  ۽ شيلا خلاف اميگريشن فراڊ سان گڏ حياتياتي دهشتگردي حملو , فوڊ پوائيزننگ , قتل جهڙن ڏوهن جون ثابتيون مليون  . اميگريشن فراڊ جي ڏوھ ھيٺ ڀڳوان گرو رجنيش اوشو کي گرفتار ڪري جيل ڀيڙو ڪيو ويو ۽ جاچ دوران کيس ٻه آپشن  آمريڪا ڇڏڻ يا  جيل ۾ رهڻ جا آپشن ڏنا ويا . گرو رجنيش آمريڪا ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو . ما آنند شيلا آڪٽوبر 1986 ۾ ويسٽ جرمني مان گرفتار ڪئي وئي . ٽرائيل هلڻ جي صورت ۾ کيس 20 سال سزا ۽ 4 لک 70 هزار ڊالرجو ڏنڊ وڌو ويو . شيلا 39 مهينا جيل ۾ رهي ,جيل ۾ هڪ  سٺي قيدي طور رهڻ  جي نتيجي ۾ رهيل سزا معاف ڪري کيس آزاد ڪيو ويو . شيلا قيد مان آزاد ٿيڻ بعد سوئيز شهري يورس برنسشيل Urs Birnstiel سان شادي ڪئي , يورس ڪجھ عرصو گذرڻ بعد ايڊز وگهي فوت ٿي ويو .شيلا ۽ گرو رجنيش ۾ جنسي لاڳاپن ۽ معاشقي وارو اسڪينڊل به منظر تي آندو ويو . شيلا گرو رجنيش مٿان ڊرگز جي اسمگلنگ جا الزام به لڳايا آھن . شيلا جي انهن الزامن ۽ خود شيلا هٿان ٿيل ڏوهن کانپوء  رجنيش پورم خلاف ان وقت جي آمريڪي صدر رونالڊ ريگن کي ايف بي آئي ۽ ٻين ڳجهين ايجنسين پاران اهو ٻڌايو ويو هو ته رجنيش پورم نالي شهر جيمزجونز ٽائون جي طرزتي ٺاهيو ويو آھي ۽ اهو ممڪن آھي ته اڳتي هلي انهي شهر جو به انجام جونز ٽائون جهڙو ٿئي .70 واري ڏھاڪي ۾  پولٽيڪل ايڪٽوسٽ جيمز وارن  جونز James warren  jones ڏکڻ آمريڪا ۾ هڪڙي مذهبي اڳواڻ طور اڀريو هو . هن سائوٿ آمريڪا جي جهنگ واري ويران آبادي ۾ زمين خريد ڪري اتي جونز ٽائون نالي نئون شهر آباد ڪيو هو . جونز ٽائون جو people temple تمام گهڻو مشهور ٿيو هو ۽ هن سان گورن سميت ڪارن جي اڪثريت به گڏ ھئي . آمريڪي اٿارٽي کي جڏھن شڪ ٿيو ته جونز ٽائون جي حوالي سان گهڻ رخي جاچ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو . جاچ ٽيم جنهن ۾ ايف بي آء جي عملدارن کانسواء ڊپلوميٽ ۽ سياستدان به شامل هئا,  جونز ٽائون پهچي اتي رهندڙ ماڻھن کان انٽرويوز ڪيا ۽ هڪڙي رپورٽ تيار ڪئي وئي . جونز ٽائون ۾ رهندڙ 900 ماڻھن کي خوف ٿيو ته اهو ممڪن آھي ته ڄاڻايل رپورٽ جي بنياد تي جونز ٽائون خلاف ڪا ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي . جاچ ٽيم جي جهاز ۾ واپس روانگي وقت جهاز مٿان مشين گن سان  خوني حملو ڪري جاچ ٽيم جي سمورن ميمبرن کي ماريو ويو . آمريڪي اٿارٽي اهڙي واقعي خلاف سخت ايڪشن کڻڻ جو فيصلو ڪيو . جيمز جونز ڪنهن به قسم جي جوابي ڪاروائي کان اڳ اجتمائي طور تي آپگهات ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ مذهبي ليڊر جيمز جون سميت جونز ٽائون ۾ رهندڙ 918 ماڻھن 18 آڪٽوبر 1978 ء تي آپگهات ڪري ڇڏيو . انهي آپگهات کي جونز ٽائون قتل عام جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آھي . اجتماعي آپگهات جو نشانو بڻجندڙ 918 ماڻھن ۾ 304 ڄڻا 18 سالن کان گهٽ ڄمار جا هئا .  رجنيش پورم مان نيڪالي ملڻ بعد گرو رجنيش واپس هندستان اچي پونا شهر ۾ آشرم قائم ڪيو . گرو رجنيش لاء چيو وڃي ٿو ته کيس زهر جو انجيڪشن ڏئي ماريو ويو . گرو رجنيش  جي موت وارو معاملو اڄ ڏينهن تائين حل نه ٿي سگهيو آھي . گرو رجنيش جي سوچ نه رڳو هندستان پر دنيا جي ڪيترن ملڪن جي ماڻھن خاص طور تي نوجوانن مٿان گهرو اثر ڇڏيو . گرو رجنيش جي ليڪچرز کي سهيڙي ڪيترائي ڪتاب ڇپرايا ويا آھن . گرو رجنيش جي فڪر ۽ فلسفي جي هڪڙي دور ۾ گهري ڇاپ رهي . گرو رجنيش جي گهڻ پاسائين  تڪراري شخصيت تي تحقيق جي گنجائش موجود آھي . گرو رجنيش ۽ شيلا جي زندگي تي ٺهيل سيريز ڊاڪيومينٽري ” وائيلڊ وائيلڊ ڪنٽري ” تي به اعتراض اٿاري سگهجن ٿا . گرو رجنيش جي چاهيندڙن جو انهي ڊاڪيومينٽري مٿان سڀ کان وڏو الزام هي آھي ته ڊاڪيومينٽري ۾ رڳو ڪرائيم کي فوڪس ڪيو ويو آھي . ڊاڪيومينٽري ۾ گرو رجنيش جي مراقبي واري تعليم  ,  هن جي فڪر ۽ فلسفي کي بحث هيٺ نه آندو ويو آھي .  گرو رجنيش جي  ٻين اثاثن کانسواء اربين رپين جي انٽيلڪچوئل پراپرٽي تي هندستان ۾ وڏو چرچو هلندڙ آھي . گرو رجنيش جي پرسنل سيڪريٽري رهندڙ ماآنند شيلا لڳ ڀڳ 90 سالن جي ڄمار کي پهچي چڪي آھي . هو سئٽزرلينڊ ۾ نرسنگ هوم هلائي رهي آھي . 2019 ء ۾ 30 سالن بعد هو پنهنجي جنم ڀومي واري ملڪ هندستان وري هئي . هن گرو رجنيش پاران پونا ۾ قائم ڪيل آشرم جو دورو به ڪيو هو . شيلا گرو رجنيش جي حوالي سان انتهائي تڪراري هجڻ باوجود اڄ به ٿڌو شوڪارو ڀري گرورجنيش کي ياد ڪري ٿي .shakeel soomro68@gmail.com

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں