ڪراچي(بيورورپورٽ) ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت نئين مالي سال جو بجيٽ سڀاڻي (17 جون) سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. بجيٽ وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه پيش ڪندو، جڏهن ته ان لاءِ اسيمبلي جو خاص اجلاس به طلب ڪيو ويو آهي.
گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي آئين جي آرٽيڪل 109 تحت سنڌ اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ نئين مالي سال 2026-27 جو بجيٽ پيش ڪيو ويندو. سرڪاري ذريعن موجب اجلاس ۾ حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبر به شرڪت ڪندا ۽ بجيٽ تي بحث جو سلسلو به بعد ۾ شروع ٿيندو.