وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڊگهن ۽ اهم ڳالهين کانپوءِ امن معاهدو طئي ٿي ويو آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته امن معاهدي تي صحيحن جي باضابطه تقريب 19 جون تي سوئٽزرلينڊ ۾ منعقد ٿيندي.
شهباز شريف موجب هي معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف معاهدي لاءِ قطر، سعودي عرب ۽ ترڪي جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ڌرين سڀني محاذن تي فوجي ڪارروايون فوري ۽ مستقل طور ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
هن چيو ته معاهدي ۾ لبنان سميت سڀني محاذن تي ڪارروايون روڪڻ به شامل آهي.
وزيراعظم موجب ثالثي جو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ هلندڙ هفتي دوران ڪيترائي اهم اجلاس ۽ ملاقاتون ڪندا، جن ۾ معاهدي تي عملدرآمد کان اڳ فني ۽ ٽيڪنيڪي معاملن بابت صلاح مشورا ڪيا ويندا.
شهباز شريف تڪرار جي سفارتي حل تي آمريڪا ۽ ايران جو به شڪريو ادا ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هي معاهدو خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو سبب بڻجندو.