ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي اڃا صحيحون نه ٿيون آهن، ان جا 14 نڪتا هوندا، جڏهن اهو حتمي طور تي طئي ٿي ويندو ته عوام کي ان جي هڪ هڪ تفصيل کان آگاهه ڪيو ويندو.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ايراني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مفاهمتي يادداشت تي اڃا صحيحون نه ٿيون آهن ۽ ان ۾ تبديلي به ممڪن آهي، جڏهن ته جوهري معاملن تي بعد وارن مرحلن ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
هن چيو ته ايران جي ايٽمي معاملي کي في الحال ملتوي ڪيو ويو آهي، آمريڪا جا ايٽمي مطالبا هن مرحلي تي اسان لاءِ قبول ڪرڻ جوڳا ناهن. اسان لبنان ۾ حزب الله کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏينداسين. اسان جي معاهدي ۾ لبنان سميت هر محاذ تي جنگ جو خاتمو شامل هوندو.
عباس عراقچي جو چوڻ هو ته ايران آمريڪا خلاف جنگ جو فاتح آهي ۽ جنگ کانپوءِ ايران وڌيڪ مضبوط ٿي سامهون آيو آهي.
ايراني پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته جنگ جي خاتمي جو اعلان سڀني محاذن تي، لبنان سميت، عبوري معاهدي تحت ڪيو ويندو. آمريڪي ناڪابندي جو خاتمو ۽ آبنائي هرمز کي کولڻ به عبوري معاهدي جو حصو آهي.
هن چيو ته اسرائيل جهڙا دشمن ايران-آمريڪا معاهدي جا مخالف آهن، آمريڪا کي ڌمڪيون بند ڪرڻ گهرجن، ايران ڪنهن به دٻاءَ هيٺ نه ايندو.
عباس عراقچي موجب لبنان ۾ جنگ جي خاتمي جو مطلب اسرائيل جو قبضي هيٺ آيل علائقن مان نڪرڻ آهي. عبوري معاهدو پهريون قدم آهي، جيڪڏهن ان تي عمل نه ٿيو ته جوهري ڳالهيون نه ٿينديون.
هن وڌيڪ چيو ته آبنائي هرمز جي انتظاميا جنگ کان اڳ واري دور ڏانهن واپس نه ويندي. ايران آبنائي هرمز مان جهازن جي محفوظ گذر کي يقيني بڻائيندو. ايران لاءِ يورينيم جي ذخيرن بابت واحد حل ان مواد کي گهٽ سطح تي آڻڻ آهي. اسان جي تلوار هميشه آبنائي هرمز تي لٽڪندي رهندي، جڏهن ته آبنائي هرمز تي ايران ۽ عمان جي خودمختياري برقرار آهي.