اڃا تائين ڪنهن به معاهدي کي حتمي شڪل نه ڏني وئي آهي، ايران جو ٽرمپ جي دعويٰ تي ردعمل

فہرستِ مضامین

ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي معاهدي بابت دعويٰ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هينئر تائين آمريڪا سان ڪنهن به معاهدي کي حتمي شڪل نه ڏني وئي آهي.

ترجمان اسماعيل بقائي پنهنجي بيان ۾ چيو ته معاهدي تي صحيحون ٿيڻ جي تاريخ ۽ هنڌ بابت خبرون رڳو قياس آرائيون آهن. ڳالهين جي متن جو وڏو حصو تيار آهي، پر آمريڪا بار بار پنهنجي موقف ۾ تبديلي آڻيندو رهيو آهي.

ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب قطر ۽ پاڪستان ثالثي جي عمل ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته آمريڪي قدم سفارتي عمل تي اثرانداز ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ايران ڳالهين دوران پنهنجي ڳاڙهين ليڪن (ريڊ لائنز) تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندو.

ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي هئي ته ايران سان معاهدي جي دستاويزن کي آخري مرحلي ۾ آندو ويو آهي ۽ ايران سان معاهدي تي جلد صحيحون ٿيڻ جو امڪان آهي.

ٽرمپ چيو هو ته سندس خيال ۾ ايراني سپريم ليڊر معاهدي تي راضي آهن، ۽ کيس يقين آهي ته ايراني سپريم ليڊر آمريڪا-ايران معاهدي جي منظوري ڏئي چڪا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايران جوهري هٿيار ٺاهڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں