آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان معاهدي جا دستاويز آخري مرحلي ۾ آهن ۽ معاهدي تي جلد صحيحون ٿيڻ جي اميد آهي.
صدر ٽرمپ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايران سان معاهدي تي صحيحون هفتي جي آخر تائين ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته صحيحون ڪرڻ جي تقريب يورپ ۾ منعقد ٿيڻ جو امڪان آهي.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته آمريڪا-ايران معاهدي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب ۾ جي ڊي وينس به شرڪت ڪندو. هن دعويٰ ڪئي ته معاهدي تي صحيحون ٿيندي ئي آبنائي هرمز کوليو ويندو، جنهن تي سڀ خوش آهن ۽ سڄو وچ اوڀر به ان تي خوش آهي.
ٽرمپ چيو ته سندس خيال ۾ ايراني سپريم ليڊر معاهدي تي راضي آهي ۽ کيس يقين آهي ته ايراني سپريم ليڊر آمريڪا-ايران معاهدي جي منظوري ڏئي چڪا آهن. هن چيو ته ايران جوهري هٿيار ٺاهي نه سگهندو.
ان کان علاوه ٽرمپ جو چوڻ هو ته امن معاهدي ۾ پاڪستان تمام بهترين ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان جو وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل عظيم شخصيتون آهن.
صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران جي معاملي تي اسرائيل سان پڻ ڳالهيون ڪيون ويون آهن.