آمريڪا جا ايران تي حملا، ايران جي جوابي ڪارروائي ۾ بحرين، اردن ۽ ڪويت ۾ آمريڪي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ

فہرستِ مضامین

تهران، واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪا پاران اڄ صبح ايران تي وڌيڪ حملن کان پوءِ ايران اردن، ڪويت ۽ بحرين ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي۔

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) ايران تي اڄ صبح وڌيڪ حملن کان پوءِ ڪارروائي روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته تهران جي مهرآباد ايئرپورٽ، ڪرج شهر، ابيڪ ۽ قزوين ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن۔

ٻئي طرف ايران آمريڪي حملن جي جواب ۾ بحرين ۾ آمريڪي پنجين بحري ٻيڙي جي بيس ۽ ڪويت ۾ آمريڪي اڏي سميت 18 هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي۔ ايران جو چوڻ آهي ته آبنائي هرمز کي به مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي۔

ڪويت جي شهري هوابازي اٿارٽي ايراني جارحيت سبب احتياطي قدمن طور ملڪ جي فضائي حدن کي عارضي طور بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته پروازن کي منظور ٿيل معاهدن ۽ طريقيڪار تحت متبادل هوائي اڏن ڏانهن موڪليو ويندو۔

ان کان اڳ ايران جي پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي هئي ته هن 12 بيلسٽڪ ميزائلن ذريعي اردن ۾ واقع الازرق ايئر بيس ۽ ڪنٽرول سينٽر تي آمريڪي فوج جي اهم هدفن کي نشانو بڻايو۔ دعويٰ موجب حملي ۾ آمريڪي فوج جا جديد جنگي جهاز، جن ۾ F-35، F-15  ۽ F-16 شامل آهن، انھن کي پڻ نشانو بڻايو ويو۔

بيان ۾ چيو ويو ته هي ڪارروائي آمريڪي فوج جي تنصيبات ۽ آپريشنل ڍانچي کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪئي وئي۔

سينٽڪام پاسدارانِ انقلاب جي هن دعويٰ تي ڪو به ردعمل ظاهر ناهي ڪيو، پر هن ايران ۾ فوجي ذريعن جي حوالي سان آمريڪي جنگي جهاز تي حملي ۽ آبنائي هرمز جي مڪمل بندش بابت اڳوڻين رپورٽن کي غلط قرار ڏنو آهي۔

هوڏانهن بحرين جي گهرو وزارت شهرين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي۔

اڄ صبح آمريڪي حملن کان هڪ ڪلاڪ پوءِ ايران جي سرڪاري نيوز ادارن فوج جي حوالي سان ٻڌايو ته بحرين ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي حملو ڪيو ويو آهي۔ فوج موجب ڊرون حملن ۾ آمريڪي پنجين بحري ٻيڙي جي پيٽرياٽ سسٽم جي ڪميونيڪيشن اينٽينا ۽ ريڊار کي نشانو بڻايو ويو۔

ان کان اڳ آمريڪا ايران ۾ ڪيترن ئي هدفن تي حملا ڪري چڪو آهي، جنهن جي جواب ۾ ايران چيو آهي ته هو آمريڪي حملن آڏو نه جهڪندو ۽ جوابي ڪارروائي ڪندو۔

ان کان علاوه آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) ايران تي حملن جي نئين مرحلي جي پڄاڻي جو اعلان ڪيو آهي۔

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪجهه دير اڳ فاکس نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ دعويٰ ڪئي ته ايران جي درخواست تي حملا روڪيا ويندا، پر ايران فوري طور هن دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته ايران جي سخت ردعمل کان پوءِ آمريڪا ايران تي حملا روڪڻ تي مجبور ٿيو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں