تهران: ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا محفوظ رهڻ چاهي ٿو ته اسان جي علائقي مان نڪري وڃي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ عباس عراقچي آمريڪا پاران ايران تي ڪيل حملن تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته آمريڪا جنگي ميدان ۾ ناڪامين باوجود ايران جي عزم کي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته آمريڪا پنهنجي شڪستن جي باوجود اسان جي قوتِ ارادي کي آزمائڻ جو انتخاب ڪيو آهي، پر اسان جون طاقتور هٿياربند فوجون ڪنهن به حملي يا ڌمڪي جو جواب ڏيڻ کان سواءِ نه رهنديون.
ايراني پرڏيهي وزير پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ سخت موقف اختيار ڪندي واضح ڪيو ته موجوده صورتحال ۾ ڪنهن به امڪاني حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
ان کان اڳ هڪ بيان ۾ عباس عراقچي چيو هو ته ايران جي علائقي جي ويجهو موجود پرڏيهي فوجون هميشه خطري ۾ رهنديون آهن ۽ انساني غلطي، حادثي يا ممڪن ڪراس فائر جي صورت ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي سگهي ٿي. هن چيو ته ڇڪتاڻ گهٽائڻ جو بهترين ۽ اثرائتو حل پرڏيهي فوجن جو انخلا آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ايران سفارتڪاري کي ترجيح ڏئي ٿو، پر ضرورت پوڻ تي ٻيا آپشن به موجود آهن. جيئن ايراني هٿياربند فوجن ماضي ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو آهي، تيئن ايران پنهنجي دفاع لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.
عباس عراقچي چيو ته آبناءِ هرمز بين الاقوامي پاڻي نه پر ايران ۽ عمان جي وچ ۾ واقع گڏيل سامونڊي گذرگاهه آهي. هن چيو ته اها آمريڪي سامونڊي ڪنارن کان هزارين ميل پري واقع آهي ۽ ان جون سامونڊي حدون مڪمل طور تي واضح آهن.
ايراني پرڏيهي وزير موجب ايراني هٿياربند فوجون هر قسم جي فضائي، زميني ۽ سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي تي هاءِ الرٽ آهن ۽ ملڪ جي خودمختياري جي تحفظ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن.
هن وڌيڪ چيو ته علائقي ۾ موجود پرڏيهي فوجي موجودگي خطرن ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهي ٿي، تنهن ڪري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ استحڪام لاءِ انهن فوجن جو جلد کان جلد انخلا ضروري آهي.