ھيليڪاپٽر تباھ ڪرڻ جي پلاند ۾ آمريڪا جو ايران تي حملو، مختلف علائقن ۾ زوردار ڌماڪا

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: ايران پاران آمريڪي اپاچي هيلي ڪاپٽر کي نشانو بڻائڻ کان پوءِ آمريڪا به ايران خلاف جوابي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) موجب آمريڪي فوج ايران جي قشم ۽ سيريڪ ٻيٽن تي حملا ڪيا آهن، جتي مخصوص هدفن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ سينٽ ڪام وڌيڪ چيو آهي ته اهي حملا آمريڪي اپاچي هيلي ڪاپٽر کي ڪيرائڻ جي جواب ۾ ڪيا پيا وڃن.

ايراني خبر ايجنسي حملن جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته ايران جي صوبي هرمزگان جي اوڀر وارن علائقن ۾ به ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، جڏهن ته سيريڪ ۽ ايراني ٻيٽ قشم تي پڻ حملا ڪيا ويا. ان کان علاوه بندر عباس ۾ به ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا آهن.

ايران خلاف ڪارروايون جاري آهن: صدر ٽرمپ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪي فوج ايران خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي، جيڪي آمريڪي هيلي ڪاپٽر کي مبينا طور ڪيرائڻ واري واقعي کان پوءِ شروع ڪيون ويون آهن.

ايران پاران بحرين ۾ آمريڪي فوجي اڏن ڏانهن ميزائل فائر: ايراني ميڊيا

ايراني ميڊيا موجب آمريڪي حملن کان پوءِ ايران جو جوابي ردعمل پڻ شروع ٿي چڪو آهي. پاسدارانِ انقلاب چيو آهي ته آمريڪي حملن جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو.

ايراني خبر ايجنسي رپورٽ ڪئي آهي ته تازن آمريڪي حملن جي جواب ۾ ايراني فورسز بحرين ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن ڏانهن ميزائل فائر ڪيا آهن.

آمريڪي حملن کان پوءِ علائقي ۾ صورتحال پرسڪون: ايراني سرڪاري ميڊيا

ايراني سرڪاري ميڊيا موجب ڏکڻ ايران ۾ آمريڪي حملن کان پوءِ هاڻي علائقي ۾ صورتحال پرسڪون آهي ۽ فضائي ڪارروايون ختم ٿي چڪيون آهن. حملن دوران قشم ٻيٽ، سيريڪ، جاسڪ ۽ ڪوهِ مبارڪ وارن علائقن کي نشانو بڻايو ويو هو.

رپورٽن موجب ابتدائي ڌماڪن ۽ فضائي سرگرمين کان پوءِ هاڻي ڪنهن نئين حملي يا فوري ڇڪتاڻ جي اطلاع نه ملي آهي، جڏهن ته مقامي سطح تي حالتون معمول تي اچي ويون آهن.

واضح رهي ته ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تصديق ڪئي هئي ته ايران گذريل ڏينهن آبناءِ هرمز مٿان گشت ڪندڙ آمريڪي فوج جي انتهائي جديد اپاچي هيلي ڪاپٽر کي ڪيرائي ڇڏيو هو.

صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ۾ لکيو هو ته جيتوڻيڪ هيلي ڪاپٽر جا ٻئي پائلٽ محفوظ رهيا آهن، پر ان حملي جو جواب ڏيڻ آمريڪا لاءِ لازمي آهي.

ٻئي پاسي ايران آمريڪي اپاچي هيلي ڪاپٽر تي حملي ۾ ملوث هجڻ جي ترديد ڪئي هئي. ايراني نائب پرڏيهي وزير الجزيره سان ڳالهائيندي چيو هو ته تهران جو آمريڪي اپاچي هيلي ڪاپٽر تي حملي سان ڪو به تعلق ناهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں